مڪاني ادارن جي سمورن نمائندن جو عوام جي خدمت لاءِ جوش ۽ جذبو ساراهه جي لائق آهي: سيد ناصر حسين شاهه قرباني جي جانورن اوجهه کڻڻ ۽ صفائي جي ڪم جاري رکيو ويندو: مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير

ڪراچي (02 جولاءِ ) سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه عيد الاضحيٰ جي حوالي سان پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين جي چونڊيل مڪاني نمائندن جي ڪوششن کي سارهائيندي چيو ته مڪاني ادارن جي سمورن نمائندن جو عوام جي خدمت لاءِ جوش ۽ جذبو ساراهه جي لائق آهي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير وزير سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت جو جذبو رکندڙ سمورن چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن جي بغير ڪنهن فرق جي ڀرپور مدد ۽ سندن سهڪار تي يقين رکي ٿي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن سان گڏجي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ممڪن ڪوششون ڪيون آهن. سڀني مڪاني ادارن جا نمائندا ۽ پنهنجن علائقن ۾ قرباني جانورن جي اوجهه جي صفائي

سٿرائي تائين سرگرم رهن. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته جن علائقن مان قرباني جي جانورن جو اوجهه رهجي چڪو آهي ته ان کي فوري طور هٽائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام عيد جي قرباني جي اوجهه جي صفائي سٿرائي بابت پنهنجون شڪايتون سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ هيلپ لائن نمبر 1128 تي فوري طور داخل ڪرائي سگهن ٿو. سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير چيو ته قرباني جي جانورن جي اوجهه جي صفائي سٿرائي بابت عوامي شڪايتن جو ازالو نه ڪندڙ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير حڪم جاري ڪندي چيو ته قرباني جي جانورن جو اوجهه کڻڻ ۽ صفائي جي ڪم جاري رکيو ويندو ته جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي خدمت جي ويزن کي هر ممڪن طريقي سان پورو ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سمورا لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ۽ نمائندا عوامي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن کي پورو ڪري سگهن ٿا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ميڊيا عوامي شڪايتن کي اجاگر ڪري ۽ حڪومت انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.

هينڊ آئوٽ نمبر… 719 ايم ايس ايس
==================================

اپنا تبصرہ بھیجیں