پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي 12 تنظيمن ۽ پنجن الائنسز جي اتحاد فيم ڪنسورشيا جي ٻن ڏينهن واري سالياني ڪانفرنس جي آخري ڏينهن مقررين پاڪستاني سماج ۾ عورتن جي انمول ڪردار کي سارهيندي چيو ته بيشمار چيلينجز ۽ موسمياتي تبديلين جي باوجود، عورتون پنهنجي خاندانن جي مدد ۽ پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي 12 تنظيمن ۽ پنجن الائنسز جي اتحاد فيم ڪنسورشيا جي ٻن ڏينهن واري سالياني ڪانفرنس جي آخري ڏينهن مقررين پاڪستاني سماج ۾ عورتن جي انمول ڪردار کي سارهيندي چيو ته بيشمار چيلينجز ۽ موسمياتي تبديلين جي باوجود، عورتون پنهنجي خاندانن جي مدد ۽ پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.عظميٰ لطيف پنهنجو اهم تحقيقي مقالو پيش ڪندي موسمياتي تبديليءَ جي ڪري عورتن تي پوندڙ خاص اثر تي روشني وڌي.ان حيران ڪندڙ انگ اکر ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 77 سيڪڙو عورتون ۽ 34 سيڪڙو مرد، پنجاب ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ 30 سيڪڙو مرد، موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته عورتن کي موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل چيلينجز جو خاتمو برداشت ڪرڻو پوي ٿو، ھن چیوتہ سنڌ جي ٺٽي ۽ ميرپورخاص ضلعن تي ڌيان ڏيندي، عظمي لطيف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديليءَ گھرن اندر عورتن جي سار سنڀال جي ڪم کي وڌايو آهي، جنهن سان سندن ذهني صحت تي خراب اثر پيا آهن. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته واقعن جهڙوڪ 2022 جي ٻوڏ ۽ COVID-19 جي وبائي مرض سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي آهي جنهن سبب وزن گهٽجندڙ عورتن جو تناسب سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٿيو آهي جن ۾ حاملا ۽ غير حاملا ٻئي عورتون شامل آهن. هيلپ ايج انٽرنيشنل جي موسمياتي تبديلين بابت صلاحڪار جويريا افضل سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي موسمياتي تبديلي جي ڪري متاثر ٿيندڙ عورتن خاص ڪري جيڪي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿيون انهن تي توجه ڏين. ٽرسٽ فار ڪنزرويشن آف ڪوسٽل ريسورسز جي مهر نوشيرواڻي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتون، جيڪي بنيادي طور تي گهرن ۾ کاڌ خوراڪ، ٻارڻ ۽ پاڻي جو انتظام ڪرڻ جون ذميوار آهن، اهي مردن جي مقابلي ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون.
”هوم بيس وومين ورڪرز“ جي موضوع تي هڪ سيشن ۾ روبينا جميل چيو ته گهريلو عورتن لاء اجرت ڪمائڻ جا موقعا ته تمام گهڻا آهن پر انهن کي گهريلو ڪمن سبب گهٽ موقعو ملي ٿو ۽ جيڪو وقت هو گهر ۾ ڏين ٿيون انهن جو انهن کي اجرت به گهٽ ملي ٿي. هن چيو ته زرعي زمينن ۾ جيڪي عورتون ڪم ڪن ٿيون انهن کي ان عوض معاوضو بدري زرعي اجناس جون شيون ملن ٿيون جيڪي اجرت جي مقابلي ۾ تمام گهٽ مقدار ۾ هوندويون آهين. عورت اڳوڻ نزهت شيرين موجوده قانون سازي ۾ خامين کي اجاگر ڪندي چيو ته خاص طور تي گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي لاء مضبوط قانون ناهن جنهن جي ڪري انهن کي ڪو تحفظ ملي سگهي. انهن چئلينجنز جي باوجود ڪافي عورتون آهن جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
مشهور ڊراما نگار بي گل ميڊيا ۾ عورتن جي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو هن چيو ته هن ڊراما لکي ڪري عورتن جي مسئلن کي سامهون آندو اهو پليٽ فارم اهڙو هو جتي اهو خال ڀرڻ جي ضرورت هئي جيڪو هن مڪمل ڪيو.
ڪانفرنس جي پڃاڻي واري سيشن ۾ خطاب ڪندي نامياري سياستدان مهتاب اڪبر راشدي چيو ته پاڪستان کي 76 سال گذرڻ کانپوءِ به اسان عورتن جي مسئلن تي ڳالهائي رهيا آهيون، جيڪڏهن عورتون ۽ انهن جا حمايتي مرد هتي ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيا آهن ته اها سوچڻ جهڙي ڳاله آهي ته اهڙو پاڪستان ته اسان نه چاهيو هو. هن اهو پڻ چيو ته هن کي نوجوان نسل جي صلاحيتن تي پورو يقين آهي ته اهي هم سماج کي بدلائي سگهن ٿا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي شيما ڪرماڻي عورتن جي ڪردار ۽ پيڙا تي پنهنجو روايتي رقص پيش ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں