ميرپورساڪرو روڊ ڄام برانچ تي زميندار جي زيادتين خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج ٻن ڪلاڪن تائين کان لنڪ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ميرپورساڪرو روڊ ڄام برانچ تي زميندار جي زيادتين خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج ٻن ڪلاڪن تائين کان لنڪ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب ڪراچي کان ساڪرو ويندڙ سوين مسافر ۽ سوين گاڏيون ڦاٿل رهيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندي متاثر ڳوٺاڻن ٺارو جوکيو، ڀورو جوکيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جو هڪ بااثر زميندار ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي مسلسل تنگ ڪندو رهي ٿو. ان بااثر زميندار جي مينيجر سندس زمين ۾ ويندڙ ڳوٺاڻن جي بي زبان جانور جي ھڪ ٻڪري ءَ کي زبردستي ذبع ڪري زمين کان ٻاهر اڇلائي ڳوٺاڻن کي ڌمڪي ڏني آهي ته سندس زمين ۾ جيڪو به ايندو ان کي ان طريقي سان ذبع ڪيو ويندو، ھنن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري ٿيل نقصان جي ازالي سميت بااثر زميندار ۽ ان جي مئنيجر خلاف ڪاروائي ڪري کين بااثر زميندار جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، بئي طرف ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد گهارو پوليس ٻڪري کي ڪُهي اڇلائيندڙ بااثر زميندار جي مينيجر فراز خليل کي حراست ۾ وٺي جانچ جاري ڪري ڇڏي آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں