لاڙڪاڻي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) طرفان پريس ڪلب ۾ مادري ٻولي جي اهميت تي سيمينار منعقد ڪيو ويو،

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) طرفان پريس ڪلب ۾ مادري ٻولي جي اهميت تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سگا جي مرڪزي اڳواڻن پروفيسرخالد حسين چنه وائيس چيئرمين، سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي، سيڪريٽري تعليم پيرل خان کوسو سميت ضلعي اڳواڻ سيد جاويد شاھ جيلاني، نياز حسين جاگيراڻي، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي جي پرو وائيس چانسلر سيد اظهر علي شاھ، ڊاڪٽر بدرالدين ڌامراھ، پروفيسر رياضت ٻرڙو، پروفيسر رضوان گل توڙي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلقن رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خالد حسين چنه جو چوڻ هيو ته 1978ع ۾ سگا جو بنياد وڌو ويو، جنهن دوران سروي ڪئي وئي ته سنڌ جي قديمي ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون موجود نه آهن، جنهن تي سگا تمام گهڻو ڪم ڪيو، اڄ جيڪو هي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي، ان جو مقصد تحرڪ پيدا ڪرڻ آهي ته آخر ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ کان منع ٿي ڪري ته نه توهان سنڌي ڳالهايو ۽ نه ئي توهان پڙهو، لکو ۽ ميسيجز ڪيو، اسان کي نفسياتي طور تي پاڻ کي چيڪ ڪرڻو آهي ته اهو ڪير آهي جيڪو اسان کي منع پيو ڪري، جڏهن ته دنيا ٿي چوي ته توهان پنهنجي مادري ٻولي پڙهو، لکو ۽ ڳالهايو، پوءِ ڪنهن کي خطرو آهي، اسان جي ٻولي مان نه ڪنهن کي به خطرو نه آهي، تنهن باوجود اسان پيسا خرچ ڪري پنهنجي ٻارن کي ٻين ٻولين ۾ تعليم ٿا ڏياريون، جنهن ڪري اسان کي پنهنجي گهرن مان تبديلي جي شروعات ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ٻارن کي مادري ٻولي سنڌي ۾ تعليم ڏيارڻي پوندي. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي شهاب الدين شاهاڻي چيو ته سگا جي روايت رهي آهي ته سگا هميشه سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي، اهو ڪالا باغ ڊيم هجي يا تعليم يا ڪو ٻيو ڪو مسئلو هجي، اسان هر مسئلي تي ڪردار ادا ڪيو آهي، تعليم سان ته اسان جو تعلق اصل کان ئي رهيو آهي. هن چيو ته مان سنڌ جي اڪثر اسڪولن جو دورو ڪيو آهي، جتي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون سوالن جا جواب سنڌي ۾ ڏيڻ تي شرم ٿا محسوس ڪن، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته اسان پنهنجي مادري ٻولي طرف ڌيان نه پيا ڏيون، اڄ اسان سڀئي وچن ڪيون ته اسان پنهنجي ٻارن طرف ڌيان ڏئي مادري سنڌي ٻولي کي بچائيون، جڏهن ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ٻارن کي هر سبجيڪٽ سنڌي ۾ پڙهايو وڃي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر سيد اظهر حسين شاھ جو چوڻ هيو ته اڄ جو هي ڪوٺايل ميڙاڪو اهل علم جو آهي، جنهن ڪري هتي ويٺل ماڻهو ٽن ڏينهن جي بک کي ڇڏي علم جي ڳالھ طرف ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ جو اسان اهل علم آهيون، ڇاڪاڻ جو انسان مري ٿو وڃي، پر عمل ۽ علم ڪڏهن به نه ٿا مرن، انسان وٽ جيترو وڌيڪ علم هوندو، ايترو وڌيڪ بهتر عمل ڪندو، سگا جو ڪنيڪشن ئي علم سان آهي، جڏهن سگا جو قيام وڌو ويو ته ان دوران نفرتن ۽ دهشتگردي وارو ماحول هيو، پر تنهن باوجود سگا بهتر نموني سان پنهنجو ڪم ڪيو. هن چيو ته سنڌ جا ڪامورا عوام جي پيسي تي عياشيون ڪري رهيا آهن، پنهنجي اولاد کي هر سک ڏئي رهيا آهن، پر اخلاقي طور تي هو جانورن جي زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪي سٺن ڪمن طرف ڌيان نه پيا ڏين، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڪامورا ڪنهن حد تائين عوام لاءِ ڪجھ ڪن پيا، پر هتي ڪجھ به نه آهي، اسان ستل قوم آهيون، ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون ٿا، پر عملي ڪم نه پيا ڪيون، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ٻولي سان محبت آهي ته پوءِ اسان کي مادري ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ مان مطالبو ڪندس ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ان موقعي تي پيرل خان کوسو خطاب ڪندي چيو ته هن وقت نياڻين جي تعليم کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌي ٻولي مادري ٻولي زندھ رهندي، اسان سڀني کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جا 397 ۽ دادو ۾ ساڍا 7 هزار اسڪول بند پيل آهن، پر ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر اسڪولز اهڙي معاملي طرف ڪو ڌيان نه ٿا ڏين، جنهن لاءِ اسان سڀئي کي گهرجي ته لکت ۾ شڪايتون ڏيون ته آخري سنڌ سان اهڙو ظلم ڇو آهي، جڏهن ته اڳ جا استاد وڻ جي هيٺيان ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏيندا هئا، جنهن لاءِ اسان کي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي مادري سنڌي ٻولي بچائڻي پوندي ته اسان کي تعليم تي ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي بدرالدين ڌامراھ خطاب ڪندي چيو 1986ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا اندر سنڌي ٻولي جي پهرين پوزيشن هئي، اها هن وقت نه جي برابر آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي مادري سنڌي ٻولي طرف ڌيان نه پيا ڏيون، هاڻي به وقت ويو نه آهي، جنهن لاءِ اسان کي سخت ضرورت آهي ته اسان مادري ٻولي ڏانهن ڌيان ڏيون، ڇاڪاڻ جو جيسيتائين وقت آهي سنڌي ٻولي وڃڻي نه آهي، جنهن لاءِ اسان جي تجويز آهي ته سگا سنڌ جي سڀني هيڊڪوارٽرن ۾ هڪ هڪ اسڪول تعمير ڪرائي ۽ انهن جي نگراني به ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي پروفيسر رياضت ٻرڙو جو چوڻ هيو ته مادري ٻولي سان اسان سڀني کي محبت آهي، جنهن ڪري هن سخت گرمي ۾سڀ هن سيمينار ۾ گڏ ٿيا آهيون، جنهن لاءِ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان پنهنجي ٻولي کي وڌائڻ لاءِ اپاء وٺون ۽ سگا طرفان هڪ سائنسي رسالو آندو وڃي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ سائنس سميت ٻيو اهم مواد شامل هجي، جيڪو هر اسڪول ۽ ڪاليج تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي پروفيسر رضوان گل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا اندر ترقي يافته ملڪ ۾ ٻارن کي شروعاتي تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏني ويندي آهي، پر اسان وٽ هتي انگلش ميڊيم اسڪول کي ترجيح ڏني پئي وڃي، پر جيسيتائين سنڌ موجود آهي اسان جي مادري ٻولي ختم نه ٿيندي، ادارن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سيمينارکان پوءِ مشائرو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر قادر جاگيراڻي، ملهار سنڌي، سليم رضا ڪنڀر، اعجاز سيتائي، خاور قبولائي، ڪوڙل قربدار، حڪيم احسن سنڌي، فرقان شيخ سميت ٻين شاعري، وائي ۽ بيت پڙهيا ۽ بعد ۾ محفل موسيقي جو پروگرام پڻ ٿي گذريو، جنهن ۾ سهڻي ناز، سليم رضا ڪنڀر ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري سيمينار ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مس هما قاضي سرانجام ڏنا. ان موقعي تي خالد چنه، شهاب الدين شاهاڻي، سيد اظهر علي شاھ، سيد جاويد شاھ، رضوان گل، رياضت ٻرڙو، خرم، نغمه مزاري ۽ ٻين کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں