گذريل رات دير سان جنگشاھي ويجھو ڳوٺ علي محمد جوکيو مان ڪن نامعلوم ٽن چورن پاران منور جوکيو جون ٻہ ڀلوڙ ڳئون چوري ڪري ويا


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گذريل رات دير سان جنگشاھي ويجھو ڳوٺ علي محمد جوکيو مان ڪن نامعلوم ٽن چورن پاران منور جوکيو جون ٻہ ڀلوڙ ڳئون چوري ڪري ويا. گھر ڀاتين جي سجاڳي تي ڳوٺاڻن جنگشاھي پوليس کي اطلاع ڪرڻ بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻن گڏجي روڊ، رستن جي ناڪابندي ڪئي تہ چورن پاران چوري ڪيل ڳئون ھاليچي ڍنڍ ويجھو پراڻي ھوائي جھازن جي اڏي جي گرائونڊ وٽ ڳئون ڇڏي فرار ٿي ويا، جيڪي ڳئون جنگشاھي پوليس چوڪي جي انچارج علي راھوجو ھٿ ڪري ڀاڳين کي واپس ڪندي چورن جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آھي، پر اڃان تائين پوليس چورن جو پتو لڳائي ناھي سگھي، ياد رھي تہ ڪجھ وقت کان وٺي چوپائي مال جي چورين ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ڀاڳيا جاڳي راتيون گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، رھواسين ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو اھي تہ چورن خلاف ڪاروائي ڪري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں