هاري مزدور تنظيم طرفان ملير پريس ڪلب تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي(پ ر) هاري مزدور تنظيم طرفان ملير پريس ڪلب تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ هاري مزدور تنظيم جي صدر نور نبي راهوجو، عوامي جمهوري پارٽي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ اعجاز منگي, عوامي ورڪرس پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ يونس راھو, ڪميونسٽ پارٽي جي سڪريٽري امداد قاضي, سنڌي انسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي صدر گلاب راءِ، سنڌي عورت تنظيم جي آرگنائيزر سعيده گوپانگ، حريف چانڊيو ڪريم شر غلام قمبر حاجاڻو، رشيد سڌايو، اياز چانڊيو لعل محمد چانڊيو اصغر باغي ۽ کاٻي ڌر جي هاري مزدور تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شڪاگو جي شهيدن سرمائيدار طبقي کان مزدورن جا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن جي ڏهه ۾ انهن کي شهيد ڪيو ويو. شڪاگو جي شهيدن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي مزدورن جو مان مٿانهون ڪيو، هن ملڪ ۾ پورهيتن جي حقن جي مسلسل لتاڙ ٿيندي رهي ٿي ۽ مزدورن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ پورهيت هارين کي حق نه ٿا ملن. جنهن ڪري سنڌ جا پورهيت ۽ هاري غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. افسوس آهي جو هر دؤر ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي سان نااصافيون ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته مزدورن کي گهربل اجرت ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر الٽو کين مختلف صنعتي ادارن منجهان بلاجواز نيڪالي ڏني پئي وڃي، جيڪي حڪومت، بيوروڪريسي ۽ جاگيردار طبقي جي سازش آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھن ڏينهن کي دنيا جي ظلم ۽ ناانصافي ۽ سرمائيدارن جا ستايل مزدور پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهد ڪندا آهن. هنن چيو ته اڄ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي سبب پورهيت طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب صحت، تعليم ته پري جي ڳالهه رهي پر هو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. جنهن سبب پوري ملڪ ۾ روز جي بنياد تي ڪيترائي ماڻهو بک وگهي فوت جهڙا واقعا پيش اچن پيا.
هاري مزدور تنظيم ڪجهه مطالبا ڪندي گهر ڪئي ته ملڪ مان هٿرادو مهنگائي ختم ڪئي وڃي ۽ مزدورن جي اجرت وڌائي، کين گهربل بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، پورھيتن ۽ ھارين بابت ڪا واضع پاليسي ٺاھي وڃي ته جيئن پورھيت ۽ ھاري ان مان فائدو حاصل ڪن، پورهيتن جو اجورو گهٽ ۾ گهٽ 30 ھزار ھجڻ گهرجي، نجڪاري ٺيڪيداري ۽ بيروگاري جو خاتمو ڪري اي او بي آ ئي مزدورن جي پينشن گھٽ ۾گھٽ پندرهن ھزار ڪئي وڃي. سرڪار طرفان عام مذدورن جي انشورنس ڪري بنيادي صحولتون ڏنيون وڃن ۽ مزدورن جي ٻارن کي تعليم صحت ۽ ٻيون سهولتون سرڪاري طور ڏنيون وڃن جيئن مذدور جو ٻار اعليٰ سطح تعليم پرائي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. گروپ انشورنس ڪئي وڃي، ملڪ صنعتي ادارن مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي.
قراردادون جلسه مان پڻ پاس ڪرايون ويون.
1. پنجاب وانگر سنڌ ۾ به هارين کي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ فصلن جي انشورنس ڏني وڃي.
2. سنڌ جي صنعتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ سٺ سيڪڙو نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن.
3. سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ جي سمورين صنعتن، مِلُنُ، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي.
4. زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ کيت مزدورن کي مزدور تسليم ڪري، کين ليبر قانون موجب سمورا حق ڏنا وڃن.
5. ڪراچيءَ جي ڪئمپن ۽ ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي گهر اڏڻ لاءِ پلاٽ ۽ روزگار ڏيو.
6. تازو برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين جي پيش نظر سنڌ جي متاثر هارين ۽ مزدورن جي بحالي لاءِ جنگي بنيادن تي اُپاءَ ورتا وڃن.
7. ڊجيٽل آدمشماري جي آڙ ۾ سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ ڏيکارڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.
8. سنڌ م ڌاري آبادڪاري جي روڪٿام لاءِ قانونسازي ڪري ڌارين خاص ڪري افغانين، بنگالين، برمين ۽ ٻين کي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موڪليو وڃي.
9. بلديه فيڪٽري جي شهيد مزدورن جو سپريم ڪورٽ سوموٽو نوٽيس وٺي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار جري سخت سزا ڏني وڃي.
10. دنيا جي وڌندڙ آباديءَ ۾ زرعي جنسون هاڻي صنعتن جو درجو اختيار ڪري ويون آهن، تنهنڪري سڄي پاڪستان خاص طرح سنڌ ۾ زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو وڃي.
زرعي معيشت وڌي پئماني تي اپت کڻڻ ۽ ان کي عوامي سطح تي ڪارآمد بڻائڻ لاءِ عوام دشمن جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي هارين کي مزدورن جهڙا حق ڏنا وڃن. هارين لاءِ هاري ڪورٽون قائم ڪري سندن اجهي، روزگار، صحت ۽ پينشن جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي.

درياخان شيخ
مرڪزي پريس ترجمان
عوامي جمهوري پارٽي
==========================

اپنا تبصرہ بھیجیں