ٻه طرفي تجارت ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ پر عزم آهيون: آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو آمريڪا جي آزاديءَ واري ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب

ڪراچي (جون، 2023) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم، آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آمريڪا پاڪستان ”گرين الائينس“ جي فريم ورڪ وسيلي مضبوط ٻه طرفي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جو دورو ڪيو. سفير بلوم سرڪاري عملدارن، آمريڪن بزنس ڪائونسل، اوور سيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، پاڪستان ڪائونسل آن فارين رليشنز ۽ پاڪستان نيول اڪيڊمي سان پڻ مصروف رهيو.
امبيسڊربلوم ۽ قونصل جنرلٽييريو ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ ٻين سياسي، ڪاروباري ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي، آمريڪا جي 247هين آزاديءَ جي ڏينهن جي سلسلي ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آجياڻي دوران پنهنجي خيالن جو اظهارڪندي سفير بلوم چيو ته: ”آئون هن ذڪر جوڳي ملڪ ۾ رهڻ ۽ خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي فخرڪريان ٿو ۽ ٿورائتو آهيان. آمريڪين ۽ پاڪستانين ۾ گهڻو ڪجھ هڪ جهڙو آهي، ۽ ڪيتريون ئي گڏيل ڪاميابيون آهن جن تي فخر ڪرڻ گهرجي. اسان گڏجي پنهنجي ٻنهين قومن لاءِ وڌيڪ مستحڪم، سر سبز ۽ خوشحال مستقبل کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا.“
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ سان ملاقات دوران سفيربلوم، آمريڪا ۽ پاڪستان جي تجارتي ۽ اقتصادي شراڪتداريءَ کي وڌائڻ وارن موقعن ۽ ٻين گڏيل ترجيحن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير جوائنٽ ميري ٽائم انفارميشن ڪمانڊ سينٽر(JMICC) جو پڻ دوروڪيو ۽ COMCOAST جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل راجا رب نواز سان پڻ ملاقات ڪئي، ته جيئن خطي ۾ ميري ٽائم امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائي سگهجي.
اوورسيز انويسٽرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (OICCI) ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل (ABC) ۽ صنعت جي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران، سفير بلوم ان ڳالھ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙيءَ ريت آمريڪا ۽ پاڪستان، ٻنهين ملڪن لاءِ خانگي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ برابريءَ واري ۽ جٽادار اقتصادي ترقيءَ کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي.
آمريڪي سفير چيوته ”اسان ٻه طرفي تجارت ۽ سيڙپڪاريءَ کي واڌارو ڏيڻ لاءِ پر عزم آهيون، خاص طور يو ايس پاڪستان ”گرين الائينس“ فريم ورڪ وسيلي پاڪستان ۾ موسمياتي سمارٽ زراعت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي اڳواڻيءَ هيٺ ترقيءَ ۾ واڌ ڪرڻ چاهي ٿو.“ آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٻه طرفو تجارتي پارٽنر آهي ۽ ان جي سڌي سئين پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي سڀ کان وڏن وسيلن منجهان پڻ هڪ آهي، گذريل سال پاڪستان اندر آمريڪا جي سيڙپڪاريءَ ۾ 50 سيڪڙو کان به مٿي واڌارو ٿيو آهي.
پاڪستان ڪائونسل آف فارين رليشنز (PCFR) ۾ ڪيل پنهنجي تقرير دوران، سفير بلوم چيو ته ”جڏهن آئون پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي مستقبل تي ويچاريان ٿو ته مون کي تجارت، سيڙپڪاري، صاف توانائي، صحت جي سلامتي، موسمياتي تبديلي، جامع حڪمرانيءَ جي طرز ۽ علائقائي سلامتيءَ جي حوالي کان پنهنجن گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جا ڪيترا ئي امڪان نظر اچن ٿا.“
آمريڪي سفير بلوم جي ڪراچيءَ واري دوري جي هڪ ٻي ۽ اهم ڳالھ پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ شروع ٿيندڙ مشق جو مشاهدو ڪرڻ هئي. ان دوران هن چيو ته ”اسان پاڪ بحريه سان ميري ٽائم سڪيورٽي واري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرون ٿا ته جيئن خطي ۽ عالمي سطح تي اقتصادي سرگرمين ۾ سولائي ٿي سگهي ۽ بين الاقوامي پاڻين ۾ جهازن جي اچ وڃ کي محفوظ بڻائي سگهجي.“
====================

اپنا تبصرہ بھیجیں