سکر جي آءِ بي اي يونيورسٽي جي استادن ء شاگردن پاران ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو


احتجاج ڪندڙن ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن پاران خميس ڏينهن پريس ڪلب سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قتل ٿيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو.
سکر جي آءِ بي اي يونيورسٽي جي فئڪلٽي ۽ شاگردن پاران ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ سوين استادن ۽ شاگرد پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو۔
احتجاجي مظاهري ۾ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ویو ته قتل جو نوٽيس وٺي فورن انصاف فراهم ڪيو وڃي.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پنهنجي يونيورسٽي جي هڪ باوقار تعليمدان ۽ قابل قدر ميمبر کان محروم ٿي ويا آهيون، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر اجمل ساوند سان انصاف ڪيو وڃي. ”
شاگردن پڻ تقريرون ڪيون، ڊاڪٽر اجمل بابت هڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجون يادگيريون شيئر ڪيون. ”هو هميشه اسان لاءِ موجود هو، اسان جي خوابن جي حاصلات لاءِ اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندو رهيو. هن جو نقصان ناقابل تلافي آهي، ۽ جيستائين انصاف نه ڪيو ويندو تيستائين آرام نه ڪنداسين،“۔
=========

اپنا تبصرہ بھیجیں