ايڊمنسٽريٽر/ ڪيوريٽر مڪلي ايٽ ٺٽو جي نئين آيل آفيسر ظهير احمد جوکيو پاران پنھنجون ذميواريون سنڀاليندي ٺٽي جي تاريخي مسجد شاهجهان ٺٽو کي صاف سٿرو رکڻ لاء پھرين مرحلي ۾ صفائي جو ڪم شروع ڪرائڻ سميت ٺٽي ضلعي جي تاريخي ورثن کي صاف سٿرو، خوبصورت بنائي ان جي حفاظت توڙي صفائي لاء هڪ ٽيم پڻ جوڙي ڇڏي آھي،

ٺٽو (رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايڊمنسٽريٽر/ ڪيوريٽر مڪلي ايٽ ٺٽو جي نئين آيل آفيسر ظهير احمد جوکيو پاران پنھنجون ذميواريون سنڀاليندي ٺٽي جي تاريخي مسجد شاهجهان ٺٽو کي صاف سٿرو رکڻ لاء پھرين مرحلي ۾ صفائي جو ڪم شروع ڪرائڻ سميت ٺٽي ضلعي جي تاريخي ورثن کي صاف سٿرو، خوبصورت بنائي ان جي حفاظت توڙي صفائي لاء هڪ ٽيم پڻ جوڙي ڇڏي آھي، جيڪا صفائي واري عمل کي جلد مڪمل ڪندي، جنھن ڪم جي شروعات شاهجهان مسجد ٺٽو کان ڪرڻ بعد مڪلي جي درگاھ حضرت عبداللہ شاه اصحابي سان گڏ پوري مڪلي قبرستان جي صفائي وارو عمل جاري ڪندي تاريخي ورثن جي حفاظت پڻ ڪندي، صحافين سان ڳالھائيندي ايڊمنسٽريٽر / ڪيوريٽر مڪلي ايٽ ٺٽو ظهير احمد جوکيو چيو ته تاريخي ورثن مان چوري يا تاريخي ورثن سان ڪنهن به هٿ چراند ڪئي يا ان عمل ۾ ڪنھن کي بہ ملوث ڏٺو ويو تہ ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي.
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں