ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ 2 ڏينھن اڳ جھرڪ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڪارو کئو لڳ ڳوٺ عبدالڪريم کوسو تي ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو، ڊي ايس پي جھرڪ قادر بخش خاصخيلي، ڊي ايس پي ھيڊ ڪواٽر جمعہ خان پنھور، ايس ايڇ او جھرڪ نيڪ محمد کوسو ۽ ٻين پوليس آفيسرن جي نگراني ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي وڏي نفري سان گڏ بدنام گٽڪا فروش غلام شبير کوسو جي گٽڪہ فيڪٽري تي ڇاپو ھنيو ويو تہ اتي موجود تاڙ ۾ ويٺل گٽڪا فروش جوابدارن غلام شبير کوسو، گلاب، اڪبر، عاشق، عبدالڪريم کوسو سميت ڪيترن ئي گٽڪا فروشن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ مڪلي ٿاڻي جو پوليس اھلڪار امجد حسين سخت زخمي ٿي پيو، جنھن بعد پوليس جي وڌيڪ نفري پاران حملي آورن تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي تہ حملي آور گٽڪا فروش پوليس سان مقابلو ڪرڻ بجاء راھ فرار اختيار ڪندي جھنگ ۾ فرار ٿي ويا، جڏھن تہ زخمي پوليس اھلڪار کي علاج لاء ڪوٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جنھن بعد پوليس گٽڪا فيڪٽري تي ڇاپو ھڻي فيڪٽري مان 94 ڪٽہ چورو، 3 ڪٽہ تمباڪو پتي، 2 ڪٽہ پني، ھڪ ڪٽو پڙيون، ھڪ چوري جو ٽپ ۽ 610 پڙيون گٽڪا ماوا ھٿ ڪري ڏوھ ۾ استعمال ٿيندڙ ھڪ بندوق، ھڪ پسٽل ھٿ ڪري سمورن حملي آور گٽڪا فروشن خلاف جھرڪ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتارين لاء ڇاپن جو سلسلو جاري ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي تہ پوليس ڪجھ گٽڪا فروشن کي گرفتار ڪيو آھي، پر انھن جا نالا ظاھر ڪرڻ لاء تيار ناھي. جن کان پوليس پاران پڇا ڳاڇا جو سلسلو پڻ جاري آھي.
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں