ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو جي خاص ھدايتن تي ضلعي جي پوليس پاران ڏوھارين توڙي منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو جي خاص ھدايتن تي ضلعي جي پوليس پاران ڏوھارين توڙي منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن. ان سلسلي ۾ ایس ایڇ او ٺٽو سب انسپیڪٽر آلھڏنو پنھور ۽ انچارج پولیس پوسٽ بگھاڙ موري سب انسپیڪٽر محمد ھاشم سومرو گشت دوران خفیہ اطلاع ملڻ تي سولنگي سروس اسٽیشن ٺٽو ويجهو بدنام منشیات فروش عالم چانگ جي چرس جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪري 3 منشیات فروش جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن ۾ جوابدار عبدالستار ولد خمیسو چانگ جي قبضي مان 2300 گرام چرس، عبدالمجید ولد محمد خاصخیلي جي قبضي مان 505 گرام چرس ۽ ارشاد علي ولد غلام قادر خاصخیلي جي قبضي مان 500 گرام چرس برآمد ڪري مٿن ٺٽو ٿاڻي تي جدا جدا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف سخت ڪاروايون جاري ڪري ڇڏيون آھن. ٻئي طرف ایس ایڇ او مڪلي سب انسپیڪٽر اصغر علي شاھ، انچارج پولیس پوسٽ جنگشاھي سب انسپیڪٽر علي خان راھوجو ۽ سب انسپیڪٽر مشتاق حسین پنھور جنگشاھي شهر ۾ بدنام گھٽڪا فروش نواز بروهي جي گھٽڪا فيڪٽري تي ڪامياب ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪري 3 گھٽڪا فروش جوابدار اصغر ولد جمعون بروھي، محمد عیسیٰ ولد سومار بروهي ۽ یونس ولد واحد بخش بروهي کي گرفتار ڪري گھٽڪا فيڪٽري تان 2 پیڪنگ / مڪسنگ مشینون، 10 ڪلو چورو سپاري، 500 پڙيون گھٽڪا ماوا، 1 اليڪٽرانڪ ڪانٽو ۽ 3 پلاسٽڪ ٽب برآمد ڪري گرفتار جوابدارن جي خلاف مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري پوليس وڌيڪ جانچ جاري ڪري ڇڏي آھي.
==========================

اپنا تبصرہ بھیجیں