
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جھمپير لڳ امير پير جو رھواسي پوليس ھيڊ ڪانسٽيبل سيد نظر محمد شاھ گذريل 10 ڏينھن کان اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جي DSP آفيس مان پراسرار نموني گم، سندس وارث سخت پريشان، جن کيس نقصان پھچڻ جو انديشو ظاھر ڪري وس وارن کي سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ جھمپير، امير پير ڳوٺ سيد بچل شاھ جي رھواسي پراسرار نموني گم ٿي ويل پوليس ھيڊ ڪانسٽيبل سيد نظر محمد شاھ جي ڀاء جھمپير واسي سيد غلام مصطفي شاھ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ 10 ڏينھن اڳ 15 نومبر تي کيس سندس ڀاء سيد نظر محمد شاھ فون ڪري ٻڌايو تہ کيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي تي DSP آفيس ۾ ساڻس سول ماڻھن جھيڙو ڪيو آھي، جنھن بعد سندس فون بند ٿي ويئي، جنھن بعد ساڻس رابطو نہ ٿيڻ تي ٻئي ڏينھن 16 نومبر تي آء اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي تي پنھنجي ڀاء جي خيريت معلوم ڪرڻ لاء پھتس، جتي DSP ۽ SHO اسٽيل ٽائون ڪراچي ٻڌايو تہ نظر محمد شاھ کي DSP شاھنواز ميمڻ ڪنھن انڪوائري لاء گھرايو، جتي موجود علي سيال ۽ ان جي پٽ سان منھن ماري ٿي پئي، جنھن بعد سيد نظر محمد شاھ کي DSP آفيس مان ڪڍي کيس ٻاھر ٿاڻي تي ويھاري کانئنس فون بہ کسي ويئي، جتان ھو پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، سيد غلام مصطفي شاھ چيو تہ کيس چيو ويو تہ ھو ASI سردار علي گجر سان وڃي ملي، اھو کيس پراسرار نموني گم ٿي ويل سندس ڀاء ڪانسٽيبل سيد نظر محمد شاھ جي ڄاڻ ڏيندو، جڏھن آء ان ASI سان مليس تہ ھن چيو تہ اسانکي گم ٿي ويل نظر محمد شاھ جي ڪابہ خبر ناھي، توھان پاڻ وڃي ڳوليوس. ھن چيو تہ کين خدشو آھي تہ ڪٿي سول ماڻھن ھٿان سندس ڀاء کي ڪو نقصان نہ پھچايو وڃي، جيڪو مسلسل 10 ڏينھن کان گم آھي، حد جي ٿاڻي جي پوليس بہ ان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن آء جي سنڌ، ڊي آء جي ملير ايسٽ زون ڪراچي، نگران سنڌ حڪومت سميت چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو تہ سندس ڀاء جي ڳولا ۾ سندس مدد ڪرائي کيس ظاھر ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


