سول سوسائٽي .وڪيلن ،سرڪاري آفيسرن ،سماجي ووڪرن ۽ ميڊيا جي نمائندن عورتن جي عالمي ڏينهن کي ٻوڏ متاثر عورتن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو.

ڪراچي (رپورٽر)سول سوسائٽي .وڪيلن ،سرڪاري آفيسرن ،سماجي ووڪرن ۽ ميڊيا جي نمائندن عورتن جي عالمي ڏينهن کي ٻوڏ متاثر عورتن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو.هنن جو چوڻ هو ته جنهن هن مصيبت ۾ به پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب جو خيال رکيو۽ هر مشڪل وقت پنهنجي خاندان جي ساراهه ڪئي اهڙي ڳالهه جو اظهار آڪفيسم ۽ ناري اين جي اوسميت ٻين جي سهڪار کان عورتن جو عالمي ڏوهاروڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ملهايو ويو .جنهن ۾ تي وي ايڪر ليلانٽار،آڪفسيم جي قرت العين ،پي ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر مددحسين صديقي ،وڪيل شازيا نظاماڻي ،سانگهڙ سان تعلق رکندڙن معذوراڳواڻ لعل خاتون ،سماجي ورڪر خالده ملاح ڪراچي ،سکر ،بدين ،سانگهڙسميت جيڪي ٻوڏ مٽاٽرين علائقن جون عورتون۽ ميِڊيا جي نمائندن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي ٽي وي انيڪر ليلانٽار چيو ته هئي اهم ڏينهن آهي ته سڀني شعبن جي ماڻهن کي گڏ ويهڻ جو موقعو ملي. عورتون جن 2022 جي ٻوڏ کي برداشت ڪيو هن ٻوڏ ۾ معاشي نقصان سان گڏ ٻيا به نقصان ٿيا.سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل شازيا نظاماڻي چيو ته ٻوڏ ۾ عورتون روڊن تي اچي ويون، عورتن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. مستقبل جي منصوبابندي اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي ته جيئن قدرتي آفتن دوران راشن جي ورهاست ۽ واشن جا مسئلا ڪيا وڃن .هن چيو اسان سڄي سنڌ جي پندرهن ضلعن جو دورو ڪيو ۽ ضلعي انتظاميا کي ٻوڏ دوران ٿيل زيادتين جا واقعا رپورٽ ڪيا.جڏهن ٻوڏ سبب گهر ڊهي پون ته مختلف خاندان ڪيترن ئي ماڻهن جو بار برداشت نه ڪري سگهيا، ان ڪري هنن چاهيو ٿي ته پنهنجي ڌيئرن جي فوري شادي ڪرائي ان بار کي ختم ڪيو وڃي. پر ڇوڪريءَ جي عمر جو خيال نه ڪيو ويو، اسان ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ائين نه ڪن. پي ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر مدد حسين صديقي چيو ته 2022ع جي صورتحال مان سکيا وٺندي معذورن لاءِ واش روم خريد ڪيا پيا وڃن. سنڌو ڪنسورشيم جي ڪردار کي ساراهيو. عوام جي سهڪار کان سواءِ حڪومت ئي ڪجهه نٿي ڪري سگهي. اسان مستقبل جي ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.معذوربرداري جي اڳواڻ ۽ سانگهڙسان تعلق رکندڙن لعل خاتون چيو ته معذور هجڻ جي باوجود هن ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏنو. ٽن مهينن کان اسان جي مدد لاءِ ڪو نه آيو. رستي تي بيٺا هئا. واش روم نه هجڻ سبب عورتون سڄو ڏينهن سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويون. اهي رات جو ڪنهن هنڌ وڃي مسئلا حل ڪندا هئا.سماجي ورڪر خالده ملا ح چيو ته آفتن ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار تمام گهڻو وڌايو ويندو آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ فوري امداد نه پهتي. جيتوڻيڪ 2022 ۾ امدادي سرگرميون دير سان هيون. ايذاءُ اڪثر ڪري امدادي ڪم دوران ٿيندو آهي. امدادي ڪم ڪرڻ وقت تمام گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي. کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ طبي جو بندوبست اڪثر زندگيون بچائڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، پر ان دوران ايذائن کي به اوتري ئي اهميت ڏني وڃي، جيتري زندگي بچائڻ کي.

اپنا تبصرہ بھیجیں