جعفرآباد ڊيرا الله يار ۾ نجي تعليمي اداري المبين پبلڪ اسڪول ۾ مون لائيٽ پبلشرز طرفان ھڪ روزہ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. ھي تربيتي ورڪشاپ مون لائٽ پبلشرز جي ريجنل مئنيجر ذيشان علي مھيسر ترتيب ڏنو.

جعفرآباد ڊيرا الله يار ۾ نجي تعليمي اداري المبين پبلڪ اسڪول ۾ مون لائيٽ پبلشرز طرفان ھڪ روزہ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. ھي تربيتي ورڪشاپ مون لائٽ پبلشرز جي ريجنل مئنيجر ذيشان علي مھيسر ترتيب ڏنو. جنھن ۾ نصيب الله ھانڀي کي ٽرينر مقرر ڪيو ويو. تربيتي ورڪشاپ جو مقصد استادن جي مھارتن کي وڌيڪ موثر ۽ ڪارگر بڻائڻ ھو. تدريسي عمل ھڪ پيغمبري پيشو آهي، استادن جي تربيت سان استادن جي اصلاح ۽ تجديد عمل و عھد ٿئي ٿو. تربيت ۾ استادن جي صلاحيتن، خوبين، مھارتن ۽ معاشري ۾ تعميري ڪردار بابت سکايو ويو. تربيت ۾ ٻارن جي نفسيات، سزا ۽ انعام ڏيڻ سان جڙندڙ روين ۽ انجام بابت پڻ سکيا ڏني وئي. ٻالڪپڻ جي تعليم ۽ تحفظ پڻ تربيت جو جز ھو. تعليم پاڪستان ۾ مون لائٽ بلشرز جي خدمتن ۽ بھترين تعليمي مواد ڇاپڻ ۾ ڪردار بابت پڻ ٻڌايو ويو.مون لائيٽ پبلشرز جي ريجنل مئنيجر ذيشان علي مھيسر ڳالھائيندي چيو ته تعليمي صنعت ۾ هڪ اهم پبلشر جي حيثيت سان، اسان سمجهون ٿا ته اها اسان جي ذميواري آهي ته نه رڳو اعليٰ معيار جو تعليمي مواد مهيا ڪريون پر استادن کي انهن جي پيشه ورانه ترقيءَ ۾ مدد پڻ ڏيو.
مون لائيٽ انٽرنيشنل پبلشرز جو مقصد هن ورڪشاپ لاءِ توهان کي گهربل مهارتون ۽ اوزار مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن توهان جي شاگردن لاءِ دلچسپ ۽ موثر سکيا جا تجربا پيدا ڪري سگهجن. اسان سمجهون ٿا ته تدريس هڪ مشڪل ڪم ٿي سگهي ٿو، پر اسان يقين رکون ٿا ته اسان جي استادن تي سيڙپڪاري ڪرڻ سان، اسان پنهنجي شاگردن جي تعليم ۽ مستقبل تي مثبت اثر وجهي سگهون ٿا.
====================

=======

اپنا تبصرہ بھیجیں