مڇي مارڪيٽ مزدور يونين ٺٽو طرفان مزدورن جي عالمي ڏيھاڙي جي موقعي تي شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاء ھڪ ريلي مڇي مارڪيٽ ٺٽو مان مين روڊ تائين مزدور اڳواڻ عبدالمالڪ خشڪ، محمد خان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي،


ٺٽو(ڊر) مڇي مارڪيٽ مزدور يونين ٺٽو طرفان مزدورن جي عالمي ڏيھاڙي جي موقعي تي شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاء ھڪ ريلي مڇي مارڪيٽ ٺٽو مان مين روڊ تائين مزدور اڳواڻ عبدالمالڪ خشڪ، محمد خان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جنھن ۾ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي محمد خان ملاح، عبدالمالڪ خشڪ ۽ بين چيو ته اڄ مزدورن جو عالمي ڏينھن پوري دنيا ۾ ملھايو پيو وڃي، پر مزدورن کي ڪي بہ سھولتون ميسر ناھن ۽ نہ ئي سندن مزدوري ۾ ڪو اضافو ٿي سگھيو آھي، ھن مھنگائي جي ڪري مزدور طبقي کي ڀت سان لڳائي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، مزدورن کي گھٽ اجورو ملڻ ڪري پورھيت جي گھر جو چلھو بہ نٿو ٻري، ھنن گھر ڪئي تہ مزدورن جي مزدوري ۾ اضافو ڪري کين سموريون سھولتون ڏيئي، مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب طبقي کي رليف ڏنو وڃي، جيئن جو ھو بہ ٻين وانگر بھتر زندگي گذاري سگھن.

اپنا تبصرہ بھیجیں