سائين اسماعيل ڪنڀر سان رشتو تڏهن جو آهي جڏهن اسان لاڙ مان مھراڻي / نئون ڪوٽ وڃڻ لا پنگريو ۾ آچار واري لاري جو سڄو ڏينهن انتظار ڪندا هئاسين،


سائين اسماعيل ڪنڀر سان رشتو تڏهن جو آهي جڏهن اسان لاڙ مان مھراڻي / نئون ڪوٽ وڃڻ لا پنگريو ۾ آچار واري لاري جو سڄو ڏينهن انتظار ڪندا هئاسين، آئون نئون ڪوٽ ۾ پڙهندو هئس ۽ اڌ فيملي ٽنڊو باگو ۾ رهندي هئي، منهنجا هر هفتي، پندرهين ڏينهن پيا پنڌ پوندا هئا، اسان جو ٺڪاڻو پنگريو شهر ۾ بابا جي دوست دودي پنهور جو طنبيلو هوندو هو، جڏهن بسون عام جام نه هونديون هيون ته ماڻهو گهوڙن تي سفر ڪندا هئا، ان ڪري شهرن ۾ گهوڙن جي بيهارڻ، ڪجهه گهڙين لاءِ گهوڙا روڪي سوار جنهن جائي تي آرام ڪندا هئا، انهن کي طنبيلو سڏيندا هئا، پنگريو ڇاڪاڻ ته لاڙ جو آخري اسٽاپ هو ۽ نئون ڪوٽ ٿر جو گيٽ وي هو ان ڪري دودي پنهور جو طنبيلو لاريون هلڻ باوجود پراڻي اوج نه هوندي به انهن ڏينهن۾ قائم هو، دودي پنهور جي ان طنبيلي ۾ سندس ننڍو ڀاءُ، سائين قادر پنهور پنگريو ۾ اسان جو سونهون يا گائيڊ هوندو هو، سائين قادر معرفت سائين اسماعيل ڪنڀار، سندس ڀاءُ سائين رمضان سميت کوڙ ماڻهن سان واقفيت ٿئي جيڪا دوستي ۾ تبديل ٿئي، ان زماني کان جيڪو محبت جو رشتو جڙيو، ذري گهٽ پاء صدي ٿيڻ واري آهي قائم ۽ دائم آهي اڄ سندس جنم ڏينهن آهي کيس سالگره جون کوڙ ساريون واڌايون هجن
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں