اڳوڻي صوبائي وزير محترمہ سسئي پليجو پريس ڪلب مڪلي پھچي پريس ڪلب مڪلي جي چونڊيل نئين باڊي جي عھديدارن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پھرائي کين مبارڪون ڏنيون


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) اڳوڻي صوبائي وزير محترمہ سسئي پليجو پريس ڪلب مڪلي پھچي پريس ڪلب مڪلي جي چونڊيل نئين باڊي جي عھديدارن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پھرائي کين مبارڪون ڏنيون. ساڻس گڏ سابقہ چيئرمين گھارو ٽائون عثمان ڪنڀار، پ پ پ اڳواڻ فاروق احمد پليجو، وحيد عارفاڻي، محمد عرس ميربحر، سڪندر چانديو، تنوير حيدر پليجو، علي محمد پليجو، گلزار پليجو ۽ بيا گڏ ھئا، ان موقعي تي پريس ڪلب مڪلي جي صدر احمد خشڪ، نائب صدر عبدالحسين مينڌرو، جنرل سيڪريٽري اڪبر دلواڻي، جوائنٽ سيڪريٽري ايم ايڇ ڪنڀار، خزانچي محمد ايوب ملاح، رمضان ميمڻ، وزير خشڪ، سيد افضل شاھ، علي گوھر قمبراڻي، علي شير جوکيو، اشرف چنڊ، قادر جاکرو، انور ھالو ۽ ٻين محترمہ سسئي پليجو جو کين مبارڪون ڏيڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو تہ پريس ڪلب مڪلي جي صحافين ھميشہ مطلوم ماڻھن جو اواز پنھنجي قلم زريعي اعليٰ ايوانن تائين پھچائي کين انصاف فراھم ڪيو آھي، اسان جو ھميشہ صحافين سان ساٿ رھيو اھي، اسان پنھنجي دور م سمورن پريس ڪلب جي جيڪا مدد ٿي سگھي اھا ڪئي اھي، سسئي پليجو چيو تہ پ پ پ عوامي پارٽي اھي، جيڪا عوامي مسئلا حل ڪرڻ م مصروف بڻيل اھي.
==============================

اپنا تبصرہ بھیجیں