آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي تازو ٿيندڙ اليڪشن ۾ فوٽوگرافي ۽ ڊاڪيومينٽري شعبي جي چيئرمين جي عهدي تي شاهه لطيف پيپلز ڪلچرل پئنل طرفان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ۽ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ سميت پاڪستان ۾ پنهنجي بي مثال فوٽوگرافيءَ ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪندڙ لاڙڪاڻو ڄائو ۽ صحافتي شعبي ۾ فوٽوگرافي طور گذريل 30 سالن کان ڪم ڪندڙ سٺي طبعيت رکندڙ سينئر فوٽوگرافر نديم اختر سومرو پنهنجي فوٽوگرافيءَ ذريعي پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي.

تحرير: اي جي ٻگهيو (ڪراچي)

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي تازو ٿيندڙ اليڪشن ۾ فوٽوگرافي ۽ ڊاڪيومينٽري شعبي جي چيئرمين جي عهدي تي شاهه لطيف پيپلز ڪلچرل پئنل طرفان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ۽ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ سميت پاڪستان ۾ پنهنجي بي مثال فوٽوگرافيءَ ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪندڙ لاڙڪاڻو ڄائو ۽ صحافتي شعبي ۾ فوٽوگرافي طور گذريل 30 سالن کان ڪم ڪندڙ سٺي طبعيت رکندڙ سينئر فوٽوگرافر نديم اختر سومرو پنهنجي فوٽوگرافيءَ ذريعي پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي. نديم اختر سومرو پنهنجي فوٽوگرافيءَ جي شروعات 1990ع واري ڏهاڪي کان پنهنجي وڏي ڀاءُ سليم سومرو جي شاگرديءَ ۾ شروعات ڪئي ۽ هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ شهر جي رائل روڊ تي سليم فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٽن سالن بعد سنڌي نيوز پيپر بختاور ۽ عدالت اخبار ذريعي صحافتي دور ۾ پيرپاتو ۽ ان بعد هن 1995ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻي مقبول اخبار روزاني ”عبرت“ اخبار ۾ باقائده نيوز فوٽوگرافر طور ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ان جي محنت جي ڪري کيس عبرت گروپ پنهنجو سينئر فوٽوگرافر قرار ڏنو. نديم اختر سومرو کي پنهنجي فوٽوگرافيءَ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ آهي ۽ هن جي شاندار فوٽوگرافيءَ جي ڪري کيس دنيا جي مشهور نيوز ايجنسي رائيٽر به پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کيس لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن لاءِ فوٽوگرافر مقرر ڪيو. نديم اختر سومرو 1998ع کانپوءِ 2009ع تائين رائيٽر نيوز ايجنسي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون. جنهن بعد هن وقت هو پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي ”ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان“ (اي پي پي) ۾ فوٽوگرافر طور ڪم ڪري رهيو آهي. نديم اختر سومرو جو والد محمد صادق سومرو پڻ لاڙڪاڻو جو سينئر فوٽوگرافر هو ۽ هن وقت لاڙڪاڻو شهر ۾ رائل روڊ تي واقع سليم فوٽو اسٽوڊيو سندس وڏي ڀاءُ سليم احمد سومرو جو آهي جيڪو پڻ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو فائونڊر ميمبر آهي ۽ پهرين گورننگ باڊي جو ميمبر ٿيو هو. جتي نديم سومرو سان گڏ سندس هڪ ٻيو ڀاءُ نعيم اختر سومرو جيڪو پڻ فوٽوگرافي واري شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ آرٽس ڪائونسل جو فائونڊ ميمبر آهي ان سان گڏوگڏ سندس چوٿون ڀاءُ محمد فهيم سومرو پڻ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو فائونڊر ميمبر آهي. جنهن جون به فوٽوگرافيءَ ۾ بي مثال خدمتون آهن ۽ هو هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري جو پرسنل فوٽوگرافر آهي. نديم اختر سومرو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي فوٽوگرافيءَ واري شعبي جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو هو ۽ هن وقت هو پاڪستان ايسوسيئيش آف فوٽو جنرلسٽ (پي اي پي) جو سينئر ميمبر آهي ۽ هن جي ان تنظيم پاڪستان سميت آمريڪا، جاپان، چائنا، سائوٿ آفريڪا، يو اي اي سميت ڪيترن ملڪن ۾ تصويرن جون نمائشون منعقد ڪرايون آهن. جن ۾ نديم اختر سومرو جي تصويرن کي به رکيو ويو آهي. نديم اختر سومرو کي اهو به اعزاز آهي ته هن جي تصويرن جون نمائشون پاڪستان جون وڏيون آرٽس ڪائونسلون ڪراچي سميت لاهور، راولپنڊيءَ ۾ به منعقد ڪيون ويون آهن ۽ هن هر طرح جي فوٽوگرافيءَ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي. چاهي اهي سياسي، سماجي، مذهبي، راندين سميت مختلف فيلڊن ۾ ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو آهي. 2007ع 2010ع جي ٻوڏ سميت تازو برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي به هن پڻ پنهنجي فوٽوگرافيءَ ذريعي سنڌ اندر ٿيندڙ تباهين کي فوڪس ڪيو، جنهن سبب تازو آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ يونائيٽيڊ نيشن جي اجلاس ۾ سندس تصويرن کي وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب پاران رکيو ويو ته جيئن عالمي اڳواڻن کي تازي برسات ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان سميت سنڌ جي شهرن کي ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهي ڏجي. وزيراعظم شهبازشريف ۽ پاڪستان جي وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري انهن تصويرن ذريعي عالمي اڳواڻن کي پڻ ڄاڻ ڏني. نديم اختر سومرو ڪراچي جي جاپان ڪائونسليٽ ۾ انٽرنيشنل فوٽو جنرلزم جي ورڪشاپ سميت ڪيترن ئي تصويرن جي نمائشن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي ۽ ان جي تصويرن کي انٽرنيشنل ۽ ملڪي فوٽوگرافر طور مڃتا ڏيندا رهيا آهن. هن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاهور، راولپنڊي ۾ شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي تصويرن جون نمائشون ڪرايون آهن ۽ لاڙڪاڻو ۾ 2010ع ۾ پڻ شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي هئي جنهن جو افتتاح ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيو هو. ان تصويري نمائش ۾ پڻ ملڪ جي فوٽوگرافرن پڻ شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي جو سينئر فوٽوگرافر نديم اختر سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب جو سينئر ميمبر آهي ۽ هو پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا پريس ڪلب جو عهديدار بڻيو آهي ان سان گڏوگڏ هو لاڙڪاڻو پريس فوٽوگرافر ۽ ڪيمرامين ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ۽ صدر پڻ رهيو آهي. هن وقت هو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي سال 24-2023ع جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ شاهه لطيف پيپلز ڪلچرل پئنل طرفان فوٽوگرافي/ڊاڪيومينٽري جي شعبي جي چيئرمين جي عهدي تي اميدوار طور اليڪشن وڙهي رهيو آهي.جنهن جو چونڊ نشان مور آهي. نديم اختر سومرو جو چوڻ آهي ته انشاءُ الله آرٽس ڪائونسل ۾ ڪاميابي ماڻي فوٽوگرافي واري شعبي کي ڀرپور نموني سان هٿي ڏياربي ۽ تصويرن جون نمائشون منعقد ڪرايبيون. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي سينئر فوٽوگرافرن کي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ گهرائي فوٽوگرافي ۽ فوٽو جنرلزم تي ورڪشاپ منعقد ڪرائبا، هن جو چوڻ آهي ته اسان جي پئنل ۾ بيٺل سمورا اميدوار به داغ آهن ۽ انهن جون پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ بي مثال خدمتون آهن ۽ هو پنهنجي شهر لاڙڪاڻو جي آرٽس ڪائونسل کي بي مثال ادارو بڻائڻ، فن ۽ فنڪارن جي خدمت ڪرڻ اولين ترجيح آهي.
==============================

اپنا تبصرہ بھیجیں