
سيمينار ۾ صدر پاڪستان جي گهرواري بيگم عارف علوي جي خصوصي شرڪت
سنڌ حڪومت خاص ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائي رهي آهي: محمد احمد شاهه
سڀني نئين تعميرات ۾ خاص ماڻهن لاءِ ريمپ جي فراهمي کي لازمي قرار ڏنو پيو وڃي: محمد احمد شاهه
ڪراچي 23 ڊسمبر : آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان منعقد ڪيل سيمينار ۾ سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه ۽ صدر مملڪت عارف علوي جي گهرواري خصوصي شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو ته هو گذريل 16 سالن کان خاص ٻارن لاءِ منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سمورين نئين تعميرات ۾ خاص ماڻهن جي سهولت لاءِ ريمپ لازمي بڻائڻ جون هدايتون واضح ڪيون ويون آهن. محمد احمد شاهه چيو ته اسان پنهنجن هيروز کي وساري رهيا آهيون. اسان کي پنهنجي مشهور شخصيتن جي خدمتن کي ياد رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي اين جي اوز جي سوچ جو انداز انگلش ميڊيم جهڙو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين اسان پنهنجي تهذيت و ثقافت ۽ قدرن کان مڪمل واقفيت حاصل ڪريون. هن چيو ته سنڌ ۾ خاص ماڻهن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته طبقاتي نظام جي ڪري خاص ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي وڌيڪ حساس هوندا آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سماج مان طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪمزورن کي مضبوط ڪري سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي سوچڻ سمجهڻ جي انداز کي بدلڻو پوندو. محمد احمد شاهه چيو ته امير طبقي جي خاص ٻارن جو علاج به ٿي ويندو آهي، اهي تعليم به مڪمل ڪندا آهن ، پر اسان جو غريب طبقو اهڙين سهولتن کان محروم آهي. هن چيو ته اسان جي سماج کي ان تبديليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اطلاعات کاتي واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو ته جڏهن الله انسان جي تخليق ۾ به فرق نه ڪيو آهي ته پوءِ اسان ڪير ٿيندا آهيون فرق ڪرڻ وارا، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان کي تعصب ۽ ورهاست کي ختم ڪري هڪ قوم بڻجي هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌون.
هينڊآئوٽ نمبر…2094 ايس اي اين
============================
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


