پرو چانسلر اسماعيل راهو پاران ڊائو يونيورسٽي جي مالي ڪارڪردگي جي ساراهه


پرو چانسلر اسماعيل راهو پاران ڊائو يونيورسٽي جي مالي ڪارڪردگي جي ساراهه

ڪراچي: وزير براءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ ۽ پرو چانسلر محمد اسماعيل راهو، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز (DUHS) جي مالي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪيترن چيلنجز باوجود يونيورسٽي پنهنجي انتظامي معاملن کي سرڪاري فنڊن سان گڏ پنهنجن وسيلن ذريعي به ڪاميابيءَ سان هلايو پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عام طور ڪنهن به يونيورسٽي جي دوري کان اڳ اهو تاثر هوندو آهي ته اداري طرفان بيل آئوٽ پيڪيج جي گهر ڪئي ويندي، پر هتي ڏسون ته ڊائو يونيورسٽي جي مالي ڪارڪردگي قابلِ تعريف آهي۔

اهي خيالات هن ڊائو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 11 هين اجلاس ۾ صدارتي خطاب دوران ظاهر ڪيا. ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر نازلي حسين، پرو وائس چانسلر پروفيسر جهاں آرا حسن ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر اشعر آفاق پڻ موجود هئا।

اسماعيل راهو ڊائو يونيورسٽي جي استادن ۽ عملي جي ڪوششن جي به ساراهه ڪئي۔ هن چيو ته بيمارين ۾ اضافي، مريضن جي وڌندڙ تعداد ۽ مالي ڏکين حالتن باوجود يونيورسٽي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جا اجلاس باقاعدي ۽ ذميواريءَ سان منعقد ڪيا، جنهن سان اداري جي ساک وڌيڪ مضبوط ٿي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ صحت جي سهولتن ۽ تعليم ٻنهي کي برابر ترجيح ڏني پئي وڃي۔ ڊائو يونيورسٽي جي اعليٰ تعليمي معيار بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اها ڳالهه قابلِ فخر آهي ته سڄي سنڌ مان شاگرد، چاهي هو MBBS، BDS يا ڪنهن به ٻئي پروگرام ۾ داخلا چاهين، ڊائو يونيورسٽي کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهن ٿا۔ هن چيو ته شاگردن جي اها ترجيح سڀني اسٽيڪ هولڊرن لاءِ فخر ۽ اطمينان جو باعث آهي۔

اسماعيل راهو اهو به چيو ته ڊائو يونيورسٽي محنت ۽ لگن سان اهڙا قابل ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيا هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز تيار ڪيا آهن، جيڪي صوبي ۽ ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن۔ ساڳي وقت هن ٻڌايو ته يونيورسٽي ڪينسر ڪيئر، بون ميرو، گردن ۽ جگر جي پيوندڪاري جهڙن خاص شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جيڪي اداري لاءِ وڏي عزت جو سبب آهن۔

ان کان اڳ، وائس چانسلر ڊائو يونيورسٽي پروفيسر نازلي حسين سالانه رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ مالي سال 2024–25 دوران نمايان ڪارڪردگي ۽ تعليمي ترقي کي اجاگر ڪيو ويو۔ ڊائو يونيورسٽي نوان تعليمي پروگرام به متعارف ڪرايا، جن ۾ MS Management Sciences، ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۾ MPhil، فارماسيوٽيڪل ڪيمسٽري ۽ فزيوٿراپي ۾ PhD شامل آهن۔

ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ خاص خدمتن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي وئي۔ اهم ڊائگنوسٽڪ ۽ اميجنگ مشينون لڳايون ويون۔ آنڪولوجي (ڪينسر جي علاج) جي گنجائش جديد ريڊيوٿراپي ۽ جديد نيوڪليئر اميجنگ سهولتن سان وڌيڪ وڌائي وئي۔ ڪيترن ئي هاءِ امپيڪٽ ڪلينڪل پروگرامز تحت پهريون ڀيرو مختلف جديد علاج جا طريقا اختيار ڪيا ويا۔ ان سان گڏ مريضن لاءِ آئوٽ پیشنٽ بنيادن تي ڪارڊيڪ ۽ پلمونري ريهيبليٽيشن جون خدمتون پڻ شروع ڪيون ويون۔

اپنا تبصرہ بھیجیں