
ورلڊ بڪ فيئر ايڪسپو سينٽر ۾ 18 ڊسمبر 2025ع کان شروع ٿيندو
5 ڏينهن واري بڪ فيئر جو افتتاح سنڌ جي تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪندو، جڏهن ته محمد احمد شاهه اعزاز مهمانِ هوندو
پاڪستان جا مشهور 140 پبلشرز ۽ 17 ملڪن جا 40 غير ملڪي پبلشرز نمائش شرڪت ڪندا
هن نمائش ۾ اٽڪل5 لک ماڻهن جي اچڻ جي اُميد آهي: ڪنويئر وقار متين خان ۽ ڪامـران نوراني جي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس

ڪراچي (15 ڊسمبر 2025)ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ((KWBF 2025 خميس 18 ڊسمبر کان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿي رهيو آهي. 5 ڏينهن واري هن عالمي ڪتابي ميلي ۾ پاڪستان جي 140 نالي وارا پبلشرز ۽ ڪتاب وڪڻندڙن سان گڏ 17 ملڪن سان لاڳاپيل 40 غير ملڪي نمائندا پڻ شرڪت ڪندا. سنڌ جي تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاهه 18 ڊسمبر تي ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر جو افتتاح ڪندو، جڏهن ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو صدر محمد احمد شاهه مهمانِ اعزازي مهمان هوندو. بڪ فيئر نمائش روزانو صبح 10 وڳي کان رات 9 وڳي تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر جي ڪنويئر وقار متين خان، پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن (PPBA) جي چيئرمين ڪامـران نوراني سان ڪالهه مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ترڪي، سنگاپور، چين، ملائيشيا، برطانيه، متحده عرب امارات سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا پبلشرز هن عالمي ادبي ميلي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ادبي ايونٽ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ايڪسپو سينٽر جي هال نمبر 1، 2 ۽ 3 ۾ منعقد ڪيو ويندو. هن سال بڪ فيئر ۾ 325 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويندا، جڏهن ته 5 لک کان وڌيڪ ڪتابن جا شوقين ماڻهن جي اچڻ جي اُميد آهي. هي ميلو ايونٽ اينڊ ڪانفرنس انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽيڊ پاران ۽ پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي. وقار متين خان وڌيڪ چيو ته هي ميلو ملڪي ۽ غير ملڪي پبلشرز، ڪتاب وڪڻندڙن، لائبريرينز ۽ ادارا، خريد ڪندڙن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿو. هن چيو ته پڙهندڙن کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي بهترين ڪتابن تائين سڌي ريت رسائي حاصل ٿيندي، جڏهن ته ليکڪن کي به پبلشرز سان سڌي ملاقات جو موقعو ملندو. پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامـران نوراني چيو ته هن سال جو ايڊيشن منفرد ۽ يادگار هوندو، ڇاڪاڻته بين الاقوامي بڪ فيئرز سان پيشه وراڻي سهڪار ۽ تجربن جي ڏي وٺ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ميلي دوران ناليوارن ليکڪن جي ڪتابن جون مهورتون، بڪ لانچ تقريبون ۽ ٻارن لاءِ ڊرائنگ، تقرير، سوال جواب (ڪوئيز) ۽ ٻيا دلچسپ مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويندا. پريس ڪانفرنس ۾ ڊپٽي ڪنويئر سيد ناصر حسين، نائب چيئرمين نديم مظهر، احسن جعفري، محمد اقبال غازياني، اقبال صالح محمد، نديم اختر، سليم عبدالحسين، حوري نوراني، ارسلان متين خان، راشد الحق ۽ شيخ جمال الدين پڻ موجود هئا.


