رپورٹ عاشق پٹھان
لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي واپاري برادريءَ جو اجلاس شهر جي وڌندڙ اينڪروچمينٽ کي هٽائڻ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته اينڪروچمينٽ کي برابريءَ جي بنياد تي هٽايو وڃي. گڏجاڻي وزير اعلي سنڌ جي خصوصي معاون ۽ لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر خير محمد شيخ جن جي اڳواڻي ۾ جناب طارق انور سيال سان چيمبر آفيس ۾ ٿي گذري.
اجلاس ۾ واپاري برادريءَ موجوده اينڪروچمينٽ مسئلي بابت ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ وڌندڙ اينڪروچمينٽ ختم ڪرڻ جو جيڪو عمل هلي رهيو آهي ان تي نظرثاني ڪرائي وڃي ته جئين اينڪروچمينٽ برابري جي بنياد تي هٽائي وڃي. واپاري برادي متفقه طور تي اتفاق ڪيو ته برابري ۽ قانوني بنيادن تي اينڪروچمينٽ جي خاتمي جي حمايت ڪئي.
واپاري برادري چيو ته شهر ۾ چنگچين کي ريگيولرائيز ڪيو وڃي ته جئين انهن کي هڪ روٽ ملي ۽ ٽريفڪ جو مسئلو حل ٿي سگهي. شهر جي مين چوڪن تي ريڙهن جي قبضي جو مسئلو، ٽريفڪ ۽ هموار ڪاروباري عملن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو. واپارين چيو ته ريڙهن لاءِ هڪ مووئبل سسٽم ڏنو وڃي ته جئين ٽريفڪ ۽ اينڪروچمينٽ جو مسئلو حل ٿي ۽ شهر جي خوبصورتي وڌي. واپارين چيو موجوده اينڪروچمينٽ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ واپاري ۽ شهري انتظاميه سان تعاون ڪن ۽ انتظاميه واپارين ۽ شهرين سان تعاون ڪري.
آخر ۾ طارق انور سيال ڳالهائيندي چيو ته مان واپارين براديءَ سان گڏ آهيان ۽ جيڪي واپاري برادري جا مسئلا آهن انهن کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته لاڙڪاڻو شهر اسان سڀني جو آهي ان کي ٺاهڻ ۽ خوبصورت رکڻ اسان جو فرض آهي. آخر ۾ واپاري برادري طارق انور سيال جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو.
هن اجلاس ۾ سينئر نائب صدر، هريش لعل، نائب صدر، جمال مصطفى شيخ، سابقه صدور، مسعود احمد شيخ، حافظ محمد سليمان شيخ، بشير احمد ايم پريل، احمد علي شيخ، غلام سرور، آصف رضا شيخ، رسول بخش، ممتاز علي کرل، علي رضا کوکر، عبداللطيف، ۽ ٻين واپارين شرڪت ڪئي.

يونٽ جي صدر فقير يار محمد




