سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ميرپور ساڪرو کان احتجاجي پيادل مارچ شروع ٿي ويو جيڪو 4 ڏينهن جو سفر ڪري 28 فيبروري تي ٺٽي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي)
سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ميرپور ساڪرو کان احتجاجي پيادل مارچ شروع ٿي ويو جيڪو 4 ڏينهن جو سفر ڪري 28 فيبروري تي ٺٽي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اشرف پليجو ياسر جاکرو ٺٽي جي ضلعي صدر ممتاز شيخ حبيب الله پليجو مرتضيٰ لاشاري ۽ شفيع محمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ميرپور ساڪرو کان قومي عوامي تحريڪ جو مارچ جيئن ئي روانو ٿيو ته وڏي انگ ۾ شھرين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سندن استقبال ڪندي مارچ ۾ شامل ٿي ويا.قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ قافلو ميرپور ساڪرو شھر مان نڪرڻ بعد لڌيا اسٽاپ ۽ ليٽ اسٽاپ پهتو ته شاندار استقبال ڪيو ويو 28 فيبروري تي چئن ڏينهن جي مارچ بعد پيادل مارچ قافلو ٺٽي شھر ۾ داخل ٿي مين رڪشا چوڪ تي جلسو ڪيو ويندو جنهن کي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو خطاب ڪندو ميرپور ساڪرو کان نڪتل مارچ واري قافلي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو ياسر جاکرو ۽ ٺٽي جي ضلعي صدر

ممتاز شيخ چيو آھي ته سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد سنڌ کي بيابان بڻائي ڌرتي ڌڻين کي اُڃارو رکڻ آھي هنن چيو ته قومي عوامي تحريڪ هميشه سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جي ميدان تي رهي آھي ڪئنالن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جو زرخيز زمينون قبضي هيٺ آڻي ڪروڙين سنڌ واسين جو استعصال ڪرڻ جي سازش به برداشت نه ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں