
اڄ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن آپڪا پراونشل هاءِ ويز ڊويزن لاڙڪاڻي جي ميٽنگ آپڪا پاڪستان جي سينئير نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي جن جي صدارت ۾ پراونشل هاءِ ويز ڊويزن لاڙڪاڻو آفيس ۾ ٿي ميٽنگ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي تلاوت ڪلام پاڪ حاجي الله بخش جوڻيجو جن ڪئي ميٽنگ جي ڪاروائي يونٽ جي جنرل سيڪريٽري مير اسدالله ميرجت جن ھلائي ميٽنگ ۾ آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري مبين خان ٻرڙو

محمد بخش ڪنڀر ضمير حسين چانڊيو بشير خان ڀٽي اصغر علي تنيو يونٽ جي صدر فقير يار محمد مڱڻيجو جنرل سيڪريٽري مير اسدالله ميرجت عطا الله ميرجت آفتاب احمد جتوئي ضمير حسين جوڻيجو غلام سرور شيخ محب علي گوپانگ حاجي الله بخش جوڻيجو شھباز علي جوڻيجو حليم حيدر ابڙو محمد علي چنا روشن علي سيھڙو محمد يونس سولنگي منور علي قريشي محمد ياسين ڪرٽيو سميع الله ڪلهوڙو منور علي قريشي زيب سولنگي دانش سومرو علي ڏنو شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي






تي ميٽنگ کي خطاب ڪندي آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن آپڪا پاڪستان جي سينئير نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي مبين خان ٻرڙو محمد بخش ڪنڀر ضمير حسين چانڊيو بشير احمد ڀٽي فقير يار محمد مڱڻيجو مير اسدالله ميرجت چيو ته ھڪ گريڊ کان چار گريڊ جي ڀرٿين ۾ ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ۾ نظر انداز ڪيو ويو ته سفارشن کي جوائننگ ڪرڻ نه ڏينداسين ھنن وڌيڪ چيو سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوتي ڪوٽا جا پينڊنگ پيل ڪيسن کي فوري طور تي حل ڪري


فوتي ڪوٽا جي حقدارن کي حق ڏنو وڃي آخر ۾ ھنن چيو ته ادارن اندر سينارٽي لسٽ کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي سينارٽي لسٽ ۾ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي ۽ سينارٽي لسٽ تحت حقدارن کي پروموشن ڏنا وڃن رپورٹ عاشق پٹھان


