لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صلاحڪار ۽ چيمبر آف ڪامرس جي صدر پي پي پي اڳواڻ خير محمد شيخ طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

ا رپورٹ محمد عاشق پٹھان لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صلاحڪار ۽ چيمبر آف ڪامرس جي صدر پي پي پي اڳواڻ خير محمد شيخ طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي چيمبر جي صدر خير محمد شيخ ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب معياري پريس ڪلبن مان هڪ آهي ۽ صحافي مختلف اشوز تي پنهنجي فرضن جي ادائگي بهتر طريقي سان ڪري رهيا آهن، چيمبر آف ڪامرس ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جو پڻ ۾ گهرو تعلق آهي. هن چيو ته خير محمد آريجا وٽ قائم انڊسٽريز زون جو جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل وزير سان منهنجي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪمرشل زون ۾ 100 پلاٽ آهن، جن مان ڪجھ ڪمرشل پلاٽ آهن ۽ سمورن الاٽين جا پلاٽ رد ڪيا ويا آهن ۽ نئين سر شرطن تي واپارين کي انڊسٽريون قائم ڪرڻ لاءِ جلد سنڌ حڪومت طرفان اخبارن اشتهار ڏنا ويندا. هن چيو ته لاڙڪاڻي سان وفاقي حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي اڳ ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بهتر نموني سان فعال ڪيو ۽ بعد ۾ پي پي پي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ۾ ان کي انٽرنيشنل سطح جو درجو ڏنو، جنهن کان پوءِ 14 فلائيٽس جون اڏامو روزاني جي بنياد تي ٿينديون هيون، پر هن وقت وفاقي حڪومت لاڙڪاڻي جي واپارين ۽ شهرين جون سفري سهولتون ڪافي عرصي کان وٺي کسي ورتيون آهن، هن وقت موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي هڪ جهاز به نه ٿو لهي ۽ ايئرپورٽ ويراني جو ڏيک ڏئي رهي آهي، ان حوالي سان پڻ وزيراعظم پاڪستان کي چيمبر آف ڪامرس جي پليٽ فارم تان موهن جو دڙو ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ تفصيلي خط لکيو ويو آهي ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي پڻ خط لکي اهڙي قسم جي آگاهي ڏني وئي آهي، جنهن لاڙڪاڻو چيمبر آف جي عهديدارن کي ان معاملي تي اسلام آباد گهرائڻ لاءِ چيو هو، پر ڀاءُ جي وفات سبب آئون صدر مملڪت سان ملاقات نه ڪري سگهيو آهيان، پر صدر آصف علي زرداري ان جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل انظاميه کي موهن جو دڙو ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻو ٽرين سسٽم جون سهولتون به وفاق طرفان واپارين کان کسيون ويون آهن، جنهن ڪري واپاري ڏچي ۾ اچي ويا آهن، ان ڪري وفاقي حڪومت کان لاڙڪاڻي جي واپاري برادري پرزور مطالبو ڪري ٿو ته فوري طور تي ٽرين جو نظام بهتر ڪرڻ سان گڏ موهن جو دڙو ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪيو وڃي ته جيئن واپارين کي سفري سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي سارين جي خريداري بابت ليٽر لکيو آهي ته زراعت کي هٿي نه ٿي ملي ان ڪري آر اِي سي پي جيان ڪڻڪ ۽ ساريون خريدڻ لاءِ ادارو کوليو وڃي ته جيئن آبادگارن ۽ هارين کي مناسب قيمتي فصل جا اگھ ملي سگهن، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري سارين جو اگھ شروعاتي طور تي 1900 سئو روپيا هيو. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جا صحافي روزاني جي بنياد تي پنهنجيون سرگرميون تيز رکيون آهن، جڏهن ته ٽرئفڪ، حددخليون، صفائي سٿرائي سميت مختلف اشوز تي ڀرپور نموني سان آواز اٿاريندا رهيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جا صحافي ڪنهن ڏاڍي جي ڪڏهن به ڌر ناهن نه رهيا ۽ اهي مظلوم ماڻهن جي ڌر رهيا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جا روڊ رستا بهتر آهن، پر ڊرينيج سسٽم بهتر نه آهي، جڏهن ته صفائي جو نظام بهتر ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انڪروچمينٽ تي لاڙڪاڻي جا واپاري همٿ ڪن ۽ دڪاندارن کي چون ته هو پاڻ مرادو پنهنجو سامان روڊ تي رکڻ بجاءِ پنهنجن دڪانن اندر رکندا ۽ چيمبر آف ڪامرس جا واپاري، صحافي ۽ اسٽيڪ هولڊر گڏجي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنه سان ملاقات ڪري حدد خلين خلاف سخت ڪاروايون ڪرڻ جو چون ته جيئن شهر جا روڊ رستا بهتر ٿي سگهن. ان موقعي تي پريس ڪلب جو نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سلامت ابڙو، خزانچي منصور عباس ابڙو سميت ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ايم يونس ڏيٿو، محمد عاشق پٺاڻ، ڊاڪٽر بدر شيخ، معشوق اوڍاڻو، نادر ابڙو سميت چيمبر آف ڪامرس جو نائب صدر هريش لعل، ممتاز علي شيخ، مسعود احمد شيخ، احمد علي شيخ، حافظ سليمان شيخ، اسد الله تنيو، آصف شيخ، علي رضا کوکر، ممتاز علي کرل، شيخ ايم پريل، عبدالرزاق بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں