سجاول ۾ تعليم جي عالمي ڏينھن تي فلاحي تنظيم پاران تعليم جي واڌاري لاء منعقد تقريب ۾ غريب ٻارڙن کي نظر انداز ڪيو ويو. مسلم ھينڊز پاران تعليم جي واڌاري لاء منعقد تقريب ۾ ضلعي جي سٺ کان مٿي اسڪولن جي ٻارڙن کي دعوت ڏئي گھرايو ويو


سجاول (جيوي پاڪستان) سجاول ۾ تعليم جي عالمي ڏينھن تي فلاحي تنظيم پاران تعليم جي واڌاري لاء منعقد تقريب ۾ غريب ٻارڙن کي نظر انداز ڪيو ويو. مسلم ھينڊز پاران تعليم جي واڌاري لاء منعقد تقريب ۾ ضلعي جي سٺ کان مٿي اسڪولن جي ٻارڙن کي دعوت ڏئي گھرايو ويو. جتي من پسند شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ٽيبلوز ڪرايا ويا، جڏھن تہ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نظر انداز ڪري مايوس ڪيو ويو. تقريب ۾ ٽيبلوز لاء تياري ڪري ايندڙ ھڪ شاگردياڻي کي ٽيبلوز ۾ حصو نہ ملڻ تي شاگردياڻي اسٽيج تي اچي رڙيون ڪيون تہ اسان کي محنت ڪرائي ڇو نظر انداز ڪيو ويو آھي. من پسند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نوازڻ خلاف اسٽيج تي احتجاج ڪندڙ شاگردياڻي کي مسلم ھينڊز جي ملازمن پاران اسٽيج تان لاھي تذليل ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں