سنڌ جي ثقافت صدين کان قائم عظيم تهذيب ۽ صوفيانه روايتن جو خوبصورت اظهار آهي، سيد ناصر حسين شاهه سنڌ جي ڌرتي امن، ڀائيچاري، رواداري ۽ يڪجهتي جو گهوارو آهي، وزير بلديات سنڌ

تاريخ 07 ڊسمبر 2025

ڪراچي 07 ڊسمبر 2025:صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه يومِ ثقافت جي موقعي تي دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن سنڌ جي سڃاڻپ، تهذيبي تسلسل ۽ گڏيل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، اڄ هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر گهٽي اجرڪ، ٽوپي ۽ ثقافتي رنگن سان روشن آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين کان قائم عظيم تهذيب ۽ صوفيانه روايتن جو خوبصورت اظهار آهي، جيڪا انسانيت، محبت ۽ برداشـت جو پيغام ڏئي ٿي، يومِ ثقافت اسان کي پنهنجي ورثي جي حفاظت ۽ روايتن سان نئين سر وابستگي جو عزم ڪرائي ٿو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جو ثقافتي ورثو اسان جي طاقت ۽ فخر آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي نه رڳو ہماری تهذيبي سڃاڻپ آهن پر محبت، احترام ۽ مهمان نوازي جون علامتون به آهن، نوجوان ثقافت جا حقيقي سفير بڻجي عالمي سطح تي سنڌ جو مثبت تشخص اجاگر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ثقافت کي وڏي عزت، جذبي ۽ جوش سان ملهاين ٿا، عوام جو ڀرپور شريڪ ٿيڻ ۽ ثقافتي سرگرمين کي وڌائڻ قابلِ تحسين آهي، سنڌ جي ڌرتي امن، ڀائيچاري، رواداري ۽ يڪجهتي جو گهوارو آهي ۽ اڄ ثقافتِ سنڌ پوري دنيا ۾ محبت ۽ انسانيت جو پيغام بڻجي چڪي آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته اسين پنهنجي ثقافت وسيلي دنيا کي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو مثبت پيغام ڏيندا رهنداسين

محمد شبیہ صدیقی
ڈائریکٹر میڈیا مینجمنٹ
صوبائی وزیر بلدیات 2 ہائوسنگ ٹائون پلاننگ، حکومت سندھ

اپنا تبصرہ بھیجیں