#ڦلجي_اسٽيشن_جي_ھڪ_مثالي_خاندان_جو_سربراھ_ڊاڪٽر_محمد_ابراھيم_ڀٽي

لک قرب ڦلجي اسٽيشن واسي عظيم انسان ڊاڪٽر محمد ابراھيم ڀٽي صاحب جو اڄ مھراڻ ھينڊي ڪرافٽس گلشن حديد تي ملاقات جو شرف بخشيو ساڻن گڏ سندن فرزند جبرا ئل احمد ھيا مون ڊاڪٽر صاحب کي لونگي پيش ڪئي ۽ جبرائل احمد کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ڊاڪٽر محمد ابراھيم ڀٽي ھڪ سچو ۽ کرو انسان ۽ دوستن جو دوست آھي ۽ مونکي اھو شرف حاصل ته مان سندن فرزند جميل احمد ڀٽي ۽ سندن ٻين پٽن جو دوست آھيان مان کيس ھميشھ پنھنجو وڏو سمجھيو آھي ۽ منھنجو ڪو مسئلو يا ڪو ڪم ھوندو ته مان سندن رھنمائي حاصل ڪندو آھيان ڪٿي سندن مدد جي ضرورت پوندي ته ڊاڪٽر صاحب ڪٿان ب منھنجو مسئلو حل ڪرائيندو کيس وٽ زندگي جا تجربا ۽ داستان آھن سندس ڳالھين سان ڄاڻ ۽ علم ۾ اضافو ٿيندو آھي ۽ پاڻ اڪثر داٻيچي مارڪيٽ مان ڪچھري لاء ايندا آھن سندن ڪراچي ۾ ڪٿي ڪم ھوندو ته پاڻ واپسي تي ضرور ايندا پاڻ زندگي 91 بھارون ڏسي چڪا آھن پر ماشا الله پاڻ چاڪ چوبند ۽ ھشاش بشاش آھن مونکي ڦلجي وڃڻو ھوندو ته پيو سوچيندس ته ڪڏھن وڃان پر ڊاڪٽر صاحب کي ڪو ڪم ھوندو ته پاڻ رات جو ويندا ۽ ڪم ڪار ڇڏائي وري شام جو داٻيچي ھوندا سندس صحت جو راز خوش رھڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ آھي پاڻ اسان جي پياري دوست ۽ عظيم انسان مرحوم جميل احمد ڀٽي جا والد آھن جميل احمد ڀٽي مرحوم مون کان عمر ۾ ته ننڍو ھيو پر مون کان وڌيڪ سمجھدار ھيو مون ۽ رانا عبدالرزاق مرحوم جميل احمد ڀٽي کان گھڻو ڪجھ سکيو ۽ ڪراچي ھر ھفتي باقاعدگي سان منھنجي فليٽ پاڪستان اسٽيل آفيسر ھاسٽل L24 /15 تي گڏجندا ھياسين منھنجي زندگي ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مرحوم جميل احمد ڀٽي جو وڏو ھٿ ھيو
ڊاڪٽر محمد ابراھيم ڀٽي ڏاڏو سراج الدين ڀٽي جي گھر ۾ 7 جنوري 1933 ۾ جوھي تعلقي جي ڳوٺ علي محمد ڀٽي ۾ پيدا ٿيا پوء پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڦلجي اسٽيشن لڏي آيا ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ پھريون مسلمان خاندان ھيا بعد ۾ ڏاڏو عبدالرسول منگي جو خاندان ڏاوڇن مان ڦلجي اسٽيشن شفٽ ٿيا باقي سڄي ڦلجي اسٽيشن ۾ ھندو آباد ھيا ڏاڏو سراج الدين ڀٽي جاء ۽ دڪان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھندو آلو مل ۽ تولارام کان خريد ڪيون اسٽمپ پيپر تي لکرايو به پر رجسٽري نه ڪري ٻيھر گورنمينٽ کان خريد
ڪئي سيٺ عبدالمجيد سيال وارن جي جاء ھندو سيٺ گلاب راء جي ملڪيت ھ ئي ڦلجي اسٽيشن ۾ راجپوت برادري 1949 ۾ آئي
ڊاڪٽر محمد ابراھيم ڀٽي پھريون درجو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ استاد نھچلداس وٽ پڙھيو ان وقت اسڪول جا صرف ٻه ڪمرا ھيا ڊاڪٽر محمد اٺ درجا پاس ڪيا جيڪي فائنل سمجھيا ويندا ھي ان وقت تحريري امتحان نه ٿيندا ھيا صرف زباني امتحان تي رزلٽ ٻڌائبو ھيو جنھن ۾ صرف پاس يا فيل جو ٻڌايو ويندو ھيو
سو ڊاڪٽر محمد ابراھيم ڀٽي وارن جي پراڻوديرو جي پاسي ۾ زمين مان مٽر ٽڻ ويو ته مٽرن ۾ لڪل نانگ کيس پير ۾ چڪ ھنيو ان تي محمد ابراھيم ڀٽي ڏنگ واري ھنڌ جي مٿان ٽنگ کي رسو سان ٻڌو جڏھن ڦلجي واپس اچڻ لڳو ته شھر جي ٻاھران نانگ ڏنگ سبب بيھوش ٿي ويو گھر وارن کيس گھر ۾ آڻي کٽ تي سمھاري ۽ چادر مٿان وجھي چڏي ۽ ٽن ڏينھن تائين بيھوش ھيا ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ڇس ٿيو آھي سندس پير سڄي ويو ۽ ڦاٽي پيو ته پوء کين ھوش آيو ۽ ٽنگ کي رسو ٻڌڻ جي ڪري سندس جان بچي ويئي
سندس خاندان تي الله جو خاص ڪرم آھي ماشا الله سندس اولاد ۾ جميل احمد ڀٽي مرحوم سميت 6 پٽ ۽ 6 نياڻيون آھن ماشا الله سندس پٽ ساڻن گڏ رھن ٿا ۽ ھميشھ پنھنجي والد جو خيال رکندا آھن پنھنجي اولاد جي پرورش ۾ سندس کان وڌيڪ سندس گھر واري جو ھٿ آھي وڏن جي عزت ڪرڻ ڪير ھنن جي پٽن کان سکي
(جاري آھي )
Ismail-Panhwar-Karachi

اپنا تبصرہ بھیجیں