سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سوشل پروٽيڪشن ڊيليوري سسٽم ذريعي مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام (ايم سي ايس پي) شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت هن وقت تائين 163.584 ملين رپين جي نقد رقم ڳورهاري ۽ کير پياريندڙ عورتن کي منتقل ڪئي وئي آهي.

ڪراچي (8 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سوشل پروٽيڪشن ڊيليوري سسٽم ذريعي مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام (ايم سي ايس پي) شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت هن وقت تائين 163.584 ملين رپين جي نقد رقم ڳورهاري ۽ کير پياريندڙ عورتن کي منتقل ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ايم سي ايس پي پروگرام کي ڳورهاري عورتن ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مائرن تائين وڌايو ويندو ته جيئن ماءُ، نوان ڄاول ۽ ٻار جي صحت جي سارسنڀال (MNCH) خدمتن جي استعمال لاءِ حمل کان 1000 ڏينهن تائين / ٽن سالن جي سنڀال ڪئي وئي. پروگرام ماءُ ۽ ٻار جي مدد کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مشروط نقد منتقلي فراهم ڪندو. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ’اسٽرنٿننگ سوشل سيڪيورٽي ڊليوري سسٽم ان سنڌ (ايس ايس پي ڊي ايس) جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪيل اجلاس دوران سامهون آئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري سماجي تحفظ رفيق مصطفيٰ شيخ، سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي سي اي او سميع الله شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. MCSP پروگرام لاءِ 201.85 ملين ڊالر رکيل آهي ۽ ماءُ ۽ چائلڊ سپورٽ پروگرام کي وڌائڻ لاءِ ڳورهاري عورتن ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مائرن کي مشروط نقد منتقلي ڪئي ويندي. سنڌ ۾ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (IDA) جي سهڪار سان هڪ مضبوط سماجي تحفظ فراهمي وارو نظام (SSPDS) شروع ڪيو ويو آهي. IDA فنڊنگ ۾ 200 ملين ڊالر جو حصو ڏنو آھي ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 30 ملين ڊالر آھي، جنھن منصوبي جي لاڳت 230 ملين ڊالر آھي. منصوبي تي پنجن سالن (2023-2027) تائين عمل ڪيو ويندو. مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ: مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام کي مضبوط ۽ وڌائڻ لاءِ مشروط نقد منتقلي ذريعي 201.85 ملين ڊالرن سان شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن ڳورهاري عورتن ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مائرن کي حمل کان 1000 ڏينهن (3 سال) تائين زچگي، نون ڄاول ٻارن ۽ ٻار جي صحت (MNCH) خدمتن تحت سارسنڀال ڪري سگهجي ٿي .سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن رفيق مصطفيٰ وڏي وزير کي ٻڌايو ته MCSP جيڪو 2021 ۾ ٻن ضلعن (عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر) ۾ شروع ڪيو ويو آهي، اهي ضروري سهولتون غريب ڳوٺاڻن گهرن کي سندن ضلعن ۾ فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته غربت ۾ ڦاٿل غريب عورتن کي ضرورت آهر ننڍڙي نقد رقم جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي (جڏهن اهي پيٽ سان يا نوان ٻار ڄڻينديون آهن) جڏهن انهن کي پنهنجي صحت ۽ غذائيت جو خيال رکڻ لاء مدد جي ضرورت هوندي آهي. MCSP هن شعبي ۾ ڪجهه خاص ترقي آندي آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ ۽ صحت جي خدمت فراهم ڪندڙن جي وچ ۾ پارٽنرشپ، مقامي سطح تي اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ هم آهنگي، IMIS جي شروعاتي ترقي، فائدو وٺندڙن جي رجسٽريشن ۽ تصديق ۽ آن لائين ادائيگي جا طريقا وغيره. MCSP مان لاڀ پرائيندڙن کي WHO پاران تجويز ڪيل MNCH خدمتون حاصل ٿينديون سڄي سنڀال جي دوران حمل کان وٺي 1,000 ڏينهن تائين ۽ انهن کي ماءُ، نون ڄاول ۽ ٻار جي ڀلائي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي سي اي او سميع الله شيخ چيو ته 1000 ڏينهن ۾ ڪل 16 ٽچ پوائنٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. انهن ۾ پيدائش کان اڳ، محفوظ ڊيليوري، پيدائش کانپوءِ زچگي ۽ نون ڄاول ٻارن جي چڪاس ۽ ٻارن جي ترقي ۽ حفاظتي بچاءُ جي نگراني شامل آهي. 15 ضلعن – عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ٽنڊوالهيار، سجاول، ٺٽو، بدين، سانگهڙ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر-شهداد ڪوٽ – کي ملٽي ڊيمينشنل پاورٽي انڊيڪس (MPI) پروگرام جي بنياد تي چونڊيو ويو آهي. امڪاني فائدا: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 5 سالن ۾ 13 لک ڳورهاري ۽ کير پياريندڙ عورتون فائدو حاصل ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 285 رپيا ڪيش ٽرانسفر لاءِ 656 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جن مان 163.584 ملين رپيا منتقل ڪيا ويا آهن ۽ باقي منتقل ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير سوشل پروٽيڪشن کاتي کي هدايت ڪئي ته جن مائرن وٽ اها سهولت ناهي انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي هن منصوبي مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
=======================

ڪراچي (8 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، امن امان جي صورتحال تي پربريفنگ وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي بلديه مان ٻن ڄڻن کي ڪاميابي سان بازياب ڪرائڻ تي سٽي پوليس جي واکاڻ ڪئي. هن پوليس فورس جي محنت ۽ جذبي کي هٿي وٺرائڻ جو اظهار ڪندي چيو ته شهر کي هڪ پرامن ۽ رهڻ لائق هڪ عظيم شهر بڻائڻو آهي. اجلاس ۾ آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، ڊي آءِ جي مقدس حيدر ۽ ٻن مغوي ماڻهن جي بازيابي لاءِ حصو وٺندڙ پوليس پارٽيءَ شرڪت ڪئي. ان ۾ ايس ايس پي اي وي سي ظفر صديقي، ڊي ايس پي قيصر شاهه، انسپيڪٽر عابد حسين، سب انسپيڪٽر غلام رسول، ڪانسٽيبل طارق صمد، خاور يوسف، ليڊي پوليس ڪانسٽيبل محترمه عريشه ناز شامل آهن. هن چيو ته شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال مطمئن ناهي. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته پوليس سخت محنت ڪري رهي آهي پر هاٽ اسپاٽ جتي ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي اتي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ايڊيشنل آئي جي کي هدايت هدايت ڪئي ته اهڙن ٿاڻن کي مضبوط بڻايو وڃي جتي ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب کي ٻڌايو ته شهر ۾ هر ڏينهن ڏوهن جي شرح 166 ڪيسز رڪارڊ ڪيو ويو آهي يعني هڪ ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس کان به گهٽ آهي. هن چيو ته ٻين وڏن شهرن ۾ ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي پر تنهن هوندي وڏي پيماني تي چيڪنگ، گشت ۽ انٽيليجنس ذريعي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته چورين خلاف مزاحمت ڪرڻ تي هر ڏينهن ماڻهو مري رهيا آهن. هن چيو ته اها گهڻو ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ۽ شهرين جي جان، آزادي ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڪئي ته سست ۽ نااهل آفيسرن کي بدلي ڪري محنتي پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. اغوا ٿيندڙن جي بازيابي: ايڊيشنل آءِ جي پوليس عمران يعقوب وڏي وزير کي ٻڌايو ته آچر 7 اپريل 2024 تي بلديه نمبر 02 تي جديد سسٽم جي مدد سان ڪراچي ۾ فوڊ اسٽريٽ ڀرسان پلاٽ نمبر F.247 بلديا سائيٽ تي ڇاپو هنيو ويو. پوليس مقابلي دوران 4 اغواڪار صابر، عنايت رحمان، حضرت علي ۽ وحيد الله کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قيد مان اغوا ٿيل شاهد ۽ عبدالله هٿ ڪيا ويا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڏوهارين جو هڪ ٽولو دبئي مان ڪم ڪندو آهي جيڪي بيگناهه ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندا آهن. عمران يعقوب چيو ته هن گينگسٽرن جي سموري معلومات ۽ ڊيٽا کي ٽريڪ ڪيو آهي دبئي حڪومت جي اختيارين جي سهڪار سان کين گرفتار ڪيو ويندو. وڏي وزير پوليس فورس جي محنت کي ساراهيو ۽ شهر کي پرامن ۽ رهڻ لائق بڻائڻ لاءِ مستقبل ۾ به اهڙي جذبي جي ضرورت تي زور ڏنو. پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي، هٿيار ۽ گيجٽ فراهم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته هن انسپيڪٽر جنرل آف پوليس غلام نبي ميمڻ کي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪرڻ ۽ اغوا ڪندڙن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موڪليو آهي. وڏي وزير شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي ۾ اغوا جي وارداتن جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪري ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.
عبدالرشيد چنا

اپنا تبصرہ بھیجیں