
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ بصر جو اگھ نہ ٿيڻ ڪري آبادگار قرضي بڻجي ڪنگال ٿي ويا، قرض ۾ آبادگارن جون گاڏيون بہ قرضي کڻي ويا، آبادگارن جون دانھون، بصر ۽ ڪڻڪ جا اگھ وڌائي کين وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ حاجي الھبخش شورو جي رھواسي آبادگار شفيع محمد شورو ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ ھن واري بصر جو اگھ نہ ٿيڻ ڪري ھو قرضي بڻجي ويا اھن، جنھن ڪري ھن واري جن ماڻھن وٽان ھنن قرض کنيو ھو، انھن سندن کنيل قرض جي ادائگي نہ ٿيڻ ڪري ان قرض عيوض سندن گاڏيون (ڪارون) بہ ضبط ڪري ڇڏيون اھن، شفيع محمد شورو دانھيندي الزام ھڻندي وڌيڪ چيو تہ ھن سندس برادري جي غلام حيدر شورو سان گڏجي ڀائيواري تي سندس زمين ۾ وڏا قرض کڻي بصر جو فصل پوکيو پر بصر جو اگھ نہ ھجڻ ڪري ھو ٻئي ڪنگال بڻجي ويا اھن، پر ھاڻي جڏھن سندس ڪڻڪ جو فصل لٿو آھي، جنھن ۾ غلام حيدر شورو جي ڀائيواري بہ ناھي، ان ھوندي بہ ھن سندس ٻين ساٿين حاجي حسن، در محمد، علي گل ۽ علي محمد خاصخيلي جي مدد سان زبردستي سندس زمين تي ڪاھ ڪري سندس زمين ۾ تيار ٿيل سندس ھڪ سئو مڻ ڪڻڪ ۽ ھڪ سئو مڻ بوھ کڻي ويو آھي، ھن چيو تہ ھڪ طرف بصر واري فصل ۾ ڀائيوار ٿيل غلام حيدر شورو کيس ٿيل خرچ ۾ حصو ڏيڻ لاء تيار ناھي، ويتر کيس وڌيڪ نقصان پھچائي رھيو آھي تہ ٻئي طرف جن ماڻھن وٽان ھن قرض کڻي فصل پوکيا، جن قرضن جي ادائگي نہ ٿيڻ ڪري انھن منھنجي ڪار قرض ۾ ضبط ڪري ڇڏي اھي، جنھن ڪري آء مڪمل طور تباھ ٿي ويو آھيان، ھن چيو تہ کيس پھتل نقصان جي ازالي لاء علائقي جي معززين کي دانھون ڏنيون، پر غلام حيدر شورو ڪنھن بہ معزز جي ڳالھ ٻڌڻ يا مونسان وھوار ڪرڻ لاء تيار ناھي، ويتر مونکي نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي منھنجي زمين تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون پيو ڪري، جنھن ڪري کيس وڌيڪ نقصان جو انديشو اھي، آبادگار شفيع محمد شورو وس وارن کان گھر ڪئي تہ بصر ۽ ڪڻڪ جا اگھ وڌائي کيس غلام حيدر شورو پاران پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي قرض ۾ کنيل ڪار توڙي غلام حيدر شورو ۽ سندس ساٿين پاران سندس زمين مان طاقت جي زور تي کنيل ڪڻڪ ۽ بوھ واپس ڪرائي کيس وڌيڪ نقصان ۽ پريشاني کان بچايو وڃي.


