
سنڌ يونيورسٽي جي ھسٽري شعبي طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سهڪار سان “ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ ﷲ بخش سومرو ۽ ٻين سياسي شخصيتن جو ڪردار” جي سري ھيٺ ليڪچر منعقد، نامياري تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق احمد ليڪچر ڏنو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري پاران پروگرام جي صدارت ڪئي وئي 
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف ھسٽري پاران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سهڪار سان سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ “ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ ﷲ بخش سومرو ۽ ٻين سياسي شخصيتن جو ڪردار” جي سري ھيٺ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ٿيو، جنھن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، جڏهن ته ليڪچر ڏيندڙ ناميارو تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق احمد هو. ان موقعي تي قانون جو اڳوڻو وزير محمد عمر سومرو، هسٽري شعبي جو چيئرمين ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ، سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ سنڌ يونيورسٽي هسٽري سوسائٽي جو انچارج ڊاڪٽر بشير جتوئي اسٽيج تي موجود رھيا. پنهنجي آجيان واري تقرير ۾ تاريخ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ سمورن
شريڪ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ليڪچر جي مقصدن تي روشني وڌي. ان بعد ڊاڪٽر اشتياق احمد موضوع جي مناسبت سان ڳالهائيندي ننڍي کنڊ جي ان دور جي سياسي حالتن، خاص ڪري شهيد ﷲ بخش سومرو ۽ برصغير جي ٻين نامور شخصيتن جي سياسي ڪردار تي تفصيل ۾سان روشني وڌي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري انتهائي اهم موضوع تي ملڪ جي مشهور تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق احمد جو ليڪچر منعقد ڪرڻ تي هسٽري شعبي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ هن بهترين ليڪچر ذريعي ﷲ بخش سومرو ۽ ٻين نامور شخصيتن جي ڪم، ڪوششن ۽ ڪردار سميت ان دور جي سياسي حالتن بابت ڪافي نئين ڄاڻ حاصل ڪئي هوندي. ان موقعي تي عمر سومري ۽ ﷲ بخش سومرو جي پوٽي همير سومرو پڻ پنهنجي
خيالن جو اظهار ڪيو ۽ شهيد الله بخش سومري جي سياسي جدوجهد ۽ ڪردار تي روشني وڌي. تقريب جي آخر ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجا ويچار ونڊيندي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. تقريب جي ڪارروائي ڊاڪٽر بشير احمد جتوئي هلائي. هن ليڪچر پروگرام ۾ سنڌ يونيورسٽي جي استادن، شاگردن، علمي ۽ ادبي شخصيتن ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر مهتاب شاهه، ڊاڪٽر مڪيش کٽواڻي، ڊاڪٽر عبدارزاق چنا، ڊاڪٽر رفيق وساڻ، ڊاڪٽر عمران سانڊاڻو، ڊاڪٽر فيصل حيدر شاهه، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، ڊاڪٽر رونق علي بهڻ، ڊاڪٽر پسند کوسو، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، اياز حيدر مغيري، ڊاڪٽر حميد سومرو، ڊاڪٽر اصغر برفت، ڊاڪٽر راجا ڏاهر هڪڙو، ڊاڪٽر اياز سمون، نريجن راجاڻي، ادريس جتوئي، واحد پارس 
هيسباڻي، آغا عتيق پٺاڻ، جاويد سولنگي، عبداللطيف لغاري۽ ٻيا شامل هئا، شرڪت ڪئي . پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊاڪٽر اشتياق احمد، ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ، همير سومرو، عمر سومرو ۽ ٻين ڊاڪٽر فياض لطيف سان گڏجي سنڌالاجي ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ ان جا مختلف شعبا گهميا. معزز مهمان ڊاڪٽر اشتياق احمد ميوزيم ۾ محفوظ قديم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي تمام گهڻي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سنڌالاجي طرفان جيڪو شاندار تاريخي خزانو گڏ ڪيو ويو ۽ سنڀاليو ويو آهي، اهو جس لائق آهي۔ هن اعتراف ڪيو ته سنڌالاجي ۽ ان ۾ محفوظ سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي خزاني کي ڏسي کيس تمام گهڻي سرهائي محسوس ٿي آهي.
Load/Hide Comments


