سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روٽري فائونڊيشن جي ڇهه رڪني وفد سان اهم ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو۔ هن چيو ته هي موذي مرض ٻارن لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ وڏي پيماني تي مهمون جاري آهن

ڪراچي (22 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روٽري فائونڊيشن جي ڇهه رڪني وفد سان اهم ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو۔ هن چيو ته هي موذي مرض ٻارن لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ وڏي پيماني تي مهمون جاري آهن۔ وڏي وزير اعلان ڪيو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2025 ۾ پوليو خلاف (او پي وي) جون ٽي وڏيون مهمون هلائبيون جڏهن⁠ته هڪ خاص مهم 15 سالن تائين جي ٻارن کي به شامل ڪندي۔ ملاقات ۾ روٽري فائونڊيشن جي ٽرسٽي چيئرمين مسٽر هولگر نيڪ، روٽري انٽرنيشنل پوليو پلس ڪاميٽي جي چيئرمين مسٽر مائيڪل ڪي. ميڪ گوورن، پاڪستان پوليو پلس ڪاميٽي جي نيشنل چيئرمين مسٽر عزيز ميمن، روٽري انٽرنيشنل جا اڳوڻا ڊائريڪٽر مسٽر محمد فيض قدوائي، روٽري سنڌ جا ڊسٽرڪٽ گورنر مسٽر شڪيل قائمخاني ۽ ڊسٽرڪٽ گورنر اليڪٽ مسٽر شهزاد صابر شامل هئا۔ وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ موجود هئا۔ اجلاس ۾ سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته پوليو ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي۔ 2024 ۾ سنڌ مان 23 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن⁠ته 2025 ۾ ھيستائين 6 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان آخري ڪيس جولاءِ 2025 ۾ بدين ضلعي مان رپورٽ ٿيو۔ پر ماحولياتي نمونن جا نتيجا اميد افزا آهن جون ۽ جولاءِ 2025 ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ورتل ٽئين حصي نمونا پوليو وائرس کان پاڪ آيا آهن۔ ملڪ ۾ پوليو جا 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان پنجاب مان هڪ، سنڌ مان ڇهه، خيبر پختونخوا مان 13 ۽ آزاد ڪشمير/گلگت بلتستان مان هڪ ڪيس شامل آهي۔ سنڌ ۾ حيدرآباد ڊويزن مان ٽي، لاڙڪاڻي مان ٻه ۽ ميرپورخاص مان هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو۔ پوليو جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت آزاد مانيٽرنگ بورڊ (IMB) ۽ ٽيڪنيڪل ايڊوائزري گروپ (TAG) جي سفارش تي ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ ٽاسڪ فورس ميٽنگز ذريعي احتسابي نظام قائم ڪرڻ ۽ 1300 سپورٽ ٽيمون ميدان ۾ لاٿيون ويون آهن جيڪي گهر گهر وڃي والدين کي قائل ڪن ٿيون۔ خاص طور تي ڪراچي ۾ ريفيوزل ڪنورشن ڪاميٽين جي ڪوششن سان ويڪسين کان انڪار ڪندڙ والدين جي شرح ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي۔ روٽري انٽرنيشنل به پوليو خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 500 ملين ڊالر جي وڏي رقم، قومي پوليو پروگرام لاءِ بنيادي ڍانچي جي فراهمي ۽ پسمانده علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس جو انتظام شامل آهي۔ روشن مستقبل ڏانهن اشارو ڪندي وڏي وزير چيو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2025 جون وڏيون مهمون هلائڻ سان گڏ 15 سالن تائين جي ٻارن لاءِ خاص مهم به هلائي ويندي۔ سنڌ حڪومت معياري مهمون يقيني بڻائڻ ۽ ضلعي سطح تي روٽري ڪلبز ذريعي عوامي آگاهي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ روٽري فائونڊيشن جي سربراهه مسٽر هولگر نيڪ وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس فائونڊيشن اعليٰ سطح جي اسٽيڪ هولڊرز جي حمايت ۽ شموليت لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندي۔ هن پوليو ريسورس سينٽرز، ٽيم سپورٽ سينٽرز ۽ هاءِ رسڪ علائقن ۾ ٽرانزٽ پوسٽن جي وڌيڪ قيام جو به اعلان ڪيو۔ پٺتي پيل ضلعن ۾ ڪولڊ چين سامان ۽ سولر ريفريجريٽرز جي فراهمي سان گڏ 3000 ويڪسين ڪيريئرز، 10 هزار آئس پيڪ ۽ 25 سولر ILRs ڏنا ويندا۔ ساڳئي وقت ضرورت وارن علائقن ۾ 20 سولر واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائڻ يا بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏني ويندي۔ يونين ڪائونسل سطح تي علما ۽ ڪميونٽي اينگيجمينٽ ورڪشاپس ذريعي ويڪسين جي انڪار کي گهٽائڻ تي به زور ڏنو ويندو۔ ان کان علاوه گهٽ ڪوريج وارن سامونڊي ۽ هاءِ رسڪ علائقن ۾ 50 هيلٿ ڪيمپس جو انتظام ڪيو ويندو۔ آخر ۾ وڏي وزير روٽري انٽرنيشنل ۽ ٻين ڀائيوارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پوليو جي خاتمي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو اهو هڪ ناياب موقعو آهي۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi

اپنا تبصرہ بھیجیں