
لاهور ۾ نواز ليگ ۽ پ پ آمهون سامهون، هڪ ٻئي تي الزام، ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ عطا تارڙ پ پ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پ پ ضد ۾ لاهور مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪري 60 هزار ووٽ خريد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ووٽ حاضل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، ڪاميابي عوام سان گڏ مهم هلائڻ سان ملندي آهي، اسان جتي ڪٿي جلسا ڪري رهيا آهيون ۽ هر هنڌ موجود آهيون، لاهور ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ ناهي
هن چيو ته پ پ ضد ۾ لاهور مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلاول ضدبازي ۾ لاهور جو تڪ چونڊيو، جتي هنن 50 کان 60 هزار ووٽ خريد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي
پ پ سمورا الزام رد ڪندي نواز شريف ۽ شهباز شريف کي چيو آهي ته ان شخص کي لغام ڏنو وڃي، جيڪو سخت قسم جا الزام هڻي رهيو آهي
شهلا رضا ۽ ٻين لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ن ليگ جو هڪ اميدوار غنڊاگردي تي لهي آيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، هر ماڻهو کي حق حاصل آهي ته هو اليڪشن ۾ حصو وٺي
هنن چيو ته عطا تارڙ ڪير ٿيندو آهي جيڪو چئي ٿو ته پ پ کي لاهور مان اليڪشن نه وڙهڻ گهرجي، نواز شريف ۽ شهبازشريف ان شخص کي لغام ڏين، ٻي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين
TAGStop_stories


