هڪ ڪروڙ نوڪريون، نيب جو خاتمو، هارين کي بنا وياج قرض ملندو: ن ليگ پاران چونڊ منشور جاري


لاهور: 5 سالن دوران هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ نيب جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو آهي

آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، ننڍن هارين کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

5سالن دوران غربت ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي

مسلم ليگ نواز ”پاڪستان ڪو نواز دو“ جي عنوان سان پنهنجو منشور پڌرو ڪري ڇڏيو

لاهور ۾ تقريب دوران ميان نواز شريف پارٽيءَ جي منشور جي ڊجيٽل لانچنگ ڪئي، منشور موجب چئن سالن دوران مهانگائي ۾ 4 کان 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي، منشور ۾ چيو ويو آهي ته پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان واڌ ڪئي ويندي، تڪرارن جي نبيري لاءِ پنچائت سسٽم کي متبادل نظام طور قائم ڪيو ويندو، عدليه، زراعت، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو ويو آهي

TAGStop_stories

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

.

اپنا تبصرہ بھیجیں