
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ ڌاٻيجي سب اسٽيشن ۽ گرڊ اسٽيشن تي سالياني مينٽيننس لاءِ باقاعده شٽ ڊائون جي درخواست ڪراچي واٽر اينڊ سيوئرج ڪارپوريشن کي ڏيئي ڇڏي. ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڪي اليڪٽرڪ پاران هي سالياني مينٽيننس ڪم 27 نومبر، خميس تي صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رهندو. انهي دوران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي مختلف فيڊرز تي بجلي جي فراهمي جزوي طور معطل رهندي. ترجمان ٻڌايو تہ شٽ ڊائون سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ تقريبن 100 ملين گيلن جي گهٽتائي متوقع آهي. انهي سبب لانڍي، ڪورنگي، شاھ فيصل، ڊي ايڇ اي، چنيسر ٽائون، جناح ٽائون، نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور متاثر ٿيندي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو تہ شهر کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو پر متوقع گهٽتائي جي باوجود تقريبن 550 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي جاري رهندي. واٽر ڪارپوريشن شهرين کي درخواست ڪئي آهي تہ ھوء ممڪنه عارضي پاڻي جي کوٽ جي پيش نظر پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪن.


