جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فارماسوٽيڪل سائنسز پنجين سالياني انوويشن فارميسي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، ان دوران ڪانفرنس جو انعقاد غير سرڪاري تنظيم ” گِونگ بيڪ ٽو فارميسي اِن پاڪستان “ جي سهڪار سان ڪيو ويو، جيڪو يونيورسٽي جي فارماسيوٽيڪل کي صنعت جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ تقريب کي خطاب دوران چيو ته اسان جدت ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، هي ڪانفرنس اسان جي ان ويزن جو عملي مثال آهي جنهن جو مقصد يونيورسٽي کي عالمي فارماسيوٽيڪل تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ هڪ اڳواڻ بڻائڻ آهي، جيڪا صحت جي سارسنڀال واري منظر نامي ۾ تبديلي آڻيندي.
پرنسپل پروفيسر هما علي افتتاحي تقريب دوران چيو ته ” فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ جدت ۽ مختلف شعبن جو سهڪار ڪارائتي حيثيت رکي ٿو، گڏيل سهڪار ۽ مسئلن جي حل لاءِ هڪ گڏيل طريقيڪار اپنائڻ سان اهڙين انقلابي ٿراپيز ۽ ٽيڪنالوجيز کي تيز رفتار ترقي ڏئي سگهون ٿا جيڪي صحت سارسنڀال ۾ انقلاب آڻينديون.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان ڪانفرنس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي تقريب، جيڪا اي پي ايس طرفان ڪوٺائي وئي آهي، اسان جي جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ يونيورسٽي کي فارما سيوٽيڪل تحقيق واري ميدان ۾ هڪ اهم مرڪز طور مستحڪم ڪرن جي عزم جو ثبوت آهي.
ڪانفرنس جي پروگرام ۾ انسٽيٽيوٽ جي وائس پرنسپل ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ پروفيسر هما شريف ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر سيد مسرور احمد پڻ خطاب ڪيو، جن صحت جي سارسنڀال واري شعبي کي درپيش ڏکيائين، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ اثرائتي ٽيم ورڪ ۽ مختلف شعبن جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
تقريب ۾ شامل ماڻهن جي ورڪشاپس ۾ شرڪت جوبه موقعو مليو، جن جي قيادت ماهر ڊاڪٽر حفصه اشفاق ۽ ڊاڪٽر منيزه قريشي ڪئي، ورڪشاپس ۾ ”درستگي، احتياط ۽ غلطين مان سکڻ“ ۽ ”فارمولري مئنيجمينٽ ۽ دوائن جي کوٽ“ جهڙا موضوع شامل هئا.

پنجين سالياني انوويشن فارميسي ڪانفرنس جو انعقاد جو مقصد فارما سيوٽيڪل ڪميونٽي هڪ اهڙي پليٽ فارم تي آڻڻ آهي جيڪا سهڪار، علم جي ڦهلاءُ ۽ جديد ترقي جي جستجو کي هٿي ڏيڻ، متحرڪ پئنل مباحثن، ڪارائتن خطابن ۽ انٽرايڪٽو ورڪشاپس جي ذريعي، هي تقريب پاڪستان ۽ ان کان اڳتي فارماسيوٽيڪل جدت جي مستقبل جي جوڙ جڪ جي خاطري ڪرائي ٿي.


