
ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ۾ تمباڪو نوشي جي وڌندڙ استعمال تي سماجي اڳواڻن ۽ اسمبلي ميمڀرن ۾ ڳڻتي جي لھرآهي ـ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن پاران تمباڪو جي وڪري ۽ استعمال تي پابندي لاءِ قانونسازي جو فيصلوڪيو آهي ـ اسمبلي اجلاس ۾ ٺهراءِ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ـ اهڙي ڳالهين جو اظهار ڪالهه عورت فانڊويشن پاران ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ تمباڪو نوشي تي ضابطي لاءِ پاليسي جوڙجڪ بابت ڪوٺايل پروگرام کي خطاب ڪندي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري وزير شاھينا شير علي چيو ته اسان عورتون جڏهن ھڪ پيج تي ايندا آھيون ته قانونسازي ٿي ويندي آھي۔ پرائيويٽ ميمبر ڊي تي ھي اسمبلي ۾ قانونسازي لاءِ پيش ڪنداسين۔ پنهنجي ٻارن تي نظر رکڻ جي ضرورت آھي۔ اڳيئن زماني جو ٻار بھتر ھو اڄ جي زماني کان ـ ھن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي پاران بيظير انڪم سپورث پروگرام سان گڏجي اسڪولن جي شاگردن کي اعزازيو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ اسڪول کان ٻاھر ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا لاء پڻ ڪوشش ڪريون پيا ـ ھن چيو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام لاء قدم کڻي رھيا آھيون
ـ تمباڪو جي استعمال کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي۔ وڏي وزير سنڌجي ترجمان سکديو اسرداس ھيمناڻي چيو ته سنڌ ٽوبيڪو ڪنٽرول سيل سنڌ ۾ ٺھيل آھي۔ تمباڪو نوشي کي روڪڻ لاءِ وڌي وزير سان ڳالهائيندس۔ سمورو ڏوھ سرڪار جو ناھي ڪجهه پنهنجي گريبان ۾ به جھاتي پائڻ گھرجي ـ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي شارق جمال چيو ته تمباڪو نوشي کي روڪڻ گھروکاتي جو ڪم آھي۔ ڪراچي ۾ شيشي جو سينٽر کوليو ويو آهي سرڪار چوي ٿي ته اوھان نشاندھي ڪريو۔ قانونسازي جي ڳالھه ٿي آھي۔ روڊ حادٽن ۾ يا منشيات ۾ ھزارين ماڻهو مري رھيا آھن۔ ھر پارٽي پنهنجي من پسند قانونسازي ڪري ٿي ـجيڪو قانون موجود آھي انھي تي عمل به نه ٿو ٿئي۔ پ پ ايم پي اي مليحا خان چيو ته صحت کي به بنيادي انساني حق طور آئين ۾ شامل ڪيو وڃي۔ ٺهراءِ پيش ڪنديس ته تمباڪو نوشي جي استعمال ۽ وڪرو ڪرڻ تي پاڀندي لاءِ اسمبلي ۾ پيش ڪنديس۔ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرت العين چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪو چڱو ڪم ڪري ٿي ته اسين سدائين ساٿ ڏيندا آھيون ـ تمباڪو نوشي خلاف آئون ٺهراءِ آڻينديس۔ تعليم کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر فوزيا خان چيو ته سنڌ ڪابينا پاران قانونسازي جون ڳالهيون ٿين پيون۔ ڪنهن ھڪ کاتي جي ذميواري ناھي ته اھو سگريٽ نوشي روڪي ـ سڀني کي پنهنجي آسپاس نظر رکڻي پوندي ـخانگي اسڪولن ۾ جيڪي وڏي فيس وٺن ٿا انھن منشيات ملي ٿي پر ھتي منشيات سستي اگهھ ۾سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي پڻ ملي ٿي۔ نصاب ۾ به اھو سڀ ڪجهه موجود آھي۔ ۔ استادن جو آن بورڊ ھجڻ ضروري آھي ـ ان موقعي ڊاڪٽر سعديا سعيد ـ ملڪا خان۔ منيزا خان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي انھي ڳالهه تي زور ڏنو ته منشيات ۽ تمباڪو جي روڪٿام لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ـ
Load/Hide Comments


