
ڪراچي (17 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي (SMIU)، جيڪا باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي رهي آهي، پنهنجي تاريخي ورثي کي برقرار رکندي مستقبل جا اڳواڻ تيار ڪري رهي آهي، تحقيق کي ھٿي وٺرائي رهي آهي ۽ اداري ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي قائم رکيو پيو وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار هن ايس ايم آءِ يو جي سال 2025 جي ڪانووڪيشن تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع، چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايوليئيشن ڪميٽي (CIEC) جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش لوڌهي، ايس ايم آءِ يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين سهرائي ميمن، استادن، معزز مهمانن، شاگردن ۽ سندن والدين شرڪت ڪئي. وڏي وزير ڪانووڪيشن جي شروعات ۾ يونيورسٽي جي پهرين پي ايڇ ڊي گريجوئيٽ جناب عبدالله ايوب کي مبارڪباد ڏني ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامز کي منظم ڪرڻ تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سهرائي جي ڪوششن کي ساراهيو۔ هن چيو ته “اهو اداري لاءِ هڪ اهم علمي سنگ ميل آهي.” هن زور ڀري چيو ته سڀني سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ سخت معيار رکڻ گهرجن ڇوته اهڙيون ڊگريون نه رڳو فرد جي قابليت پر اداري جي ساک جي به عڪاسي ڪن ٿيون. ڪانووڪيشن کي فخر جو لمحو قرار ڏيندي وڏي وزير چيو “اڄ جو ڏينهن شاگردن جو آهي، اوهان محنت ڪئي، قربانيون ڏنيون ۽ اڄ هن مقام تي پهتا آهيو. اوهان جو سفر قابلِ فخر آهي، مان دل جي گهراين سان اوهان سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو.” وڏي وزير ايس ايم آءِ يو جي روشن تاريخ تي روشني وجهندي چيو ته هي ادارو قومي فخر جي علامت آهي، جنهن مان سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ حنيف محمد جهڙا نالا نڪتا آهن. هن اداري جي باني خان بهادر حسن علي آفندي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته يونيورسٽي جي 140 سالن تي مشتمل علمي ورثي اڄ به پاڪستان جي فڪري ۽ شهري منظرنامي کي تشڪيل ڏئي رهي آهي. اداري جي حالتن ۾ ڪاميابين جي واکاڻ ڪندي وڏي وزير چيو ته موجوده معاشي ڏکائين جي باوجود ايس ايم آءِ يو پنهنجو مالي خسارو فائدي ۾ تبديل ڪيو جيڪو موجوده مهانگائي جي دور ۾ هڪ غير معمولي ڪاميابي آهي. هن اداري جي تيز ترقي کي ساراهيندي ٻڌايو ته شاگردن جي داخلا ٽي ڀيرا وڌي وئي آهي ۽ جديد تعليمي سهولتون جهڙوڪ هاءِ ٽيڪ ڪمپيوٽر ليب، مصنوعي ذهانت جي ليبارٽري، علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري، ۽ پروفيسر سروش هشمت لودهي يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. وڏي وزير يونيورسٽي جي متحرڪ شاگرد سوسائٽيز جي واکاڻ ڪئي، جيڪي مباحثو، ادب، سائنس، فن، سماجي خدمت ۽ ماحولياتي شعور جي شعبن ۾ شاگردن جي اڳواڻي، تخليق ۽ شهري شعور کي هٿي ڏين ٿيون. هن يونيورسٽي جي عالمي تعليمي ويزن کي ساراهيندي ٻڌايو ته ٻن گلوبل ريسرچ ڪانگريسز جي تحت يارهه بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ٿيون، جن ۾ موسمي تبديلي، مصنوعي ذهانت ۽ تعليمي سڌارن جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. ايس ايم آءِ يو جي مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان وڏي وزير ٻڌايو ته نئون ملير ڪيمپس، جيڪو ايجوڪيشن سٽي ۾ 100 ايڪڙ تي مشتمل آهي، مستقبل ۾ 40,000 شاگردن جي ميزباني ڪندو. هن چيو “هي ڪيمپس نه رڳو معياري تعليم تائين رسائي وڌائيندو پر مقامي معيشت کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري ترقي ڏياري سگهندو۔” وڏي وزير اداري جي ترقياتي منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪمل حمايت جو يقين پڻ ڏياريو. اختتامي خطاب ۾ وڏي وزير فارغ التحصيل شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو جستجو، همدردي ۽ عوامي خدمت جي جذبي کي زنده رکن. هن چيو، “اوهان جي ڪاميابي، سنڌ جي ڪاميابي آهي؛ اوهان جا خواب، پاڪستان جون اميدون آهن.” مراد علي شاهه گريجوئيٽس ۽ سندن خاندانن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ ڪامياب ڪانووڪيشن جي شاندار تنظيم تي ڊاڪٽر سهرائي ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
Load/Hide Comments


