لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور واري علائقي جي گاد گهٽي جي رهواسڻ پيرسن بيواھ عورت انور خاتون زال مرحوم امداد علي سومرو پنهنجي پٽن وحيد احمد ۽ زبير احمد سومرو سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي والد مرحوم حاجي محمد ايوب سومرو جي ملڪيت مان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي حصو ملي چڪو آهي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور واري علائقي جي گاد گهٽي جي رهواسڻ پيرسن بيواھ عورت انور خاتون زال مرحوم امداد علي سومرو پنهنجي پٽن وحيد احمد ۽ زبير احمد سومرو سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي والد مرحوم حاجي محمد ايوب سومرو جي ملڪيت مان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي حصو ملي چڪو آهي ۽ مونکي عاقل روڊ واري زرعي زمين باغ واري ملڪيت مان 24 ويسا حصي طور ڏنا ويا هئا، جنهن جو سمورو رڪارڊ مون وٽ موجود آهي، جنهن ملڪيت مان آئون پنهنجي رضا خوشي سان گڏ رهندڙ هڪ پٽ زبير احمد سومرو کي 19 ويسا ۽ ٻي پٽ وحيد احمد سومرو کي 5 ويسا زمين ستي فارم تي لکت ڪري ڏني آهي. هن الزام لڳايو ته ڄاڻايل مٿين پٽن کي ملڪيت لکي ڏيڻ بعد منهنجو وڏو نافرمان پٽ عبدالغفار سومرو ۽ سندس پٽ سارنگ، مهراڻ ۽ ملهار سومرو ڪجھ وقت کان وٺي مون سميت ٻين پٽن کي ڌمڪائي رهيا آهن، جن سال اڳ گهر ۾ داخل ٿي مون سميت پٽن وحيد ۽ زبير سومرو مٿان حملو ڪندي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو هو، اهڙي شڪايت اسان حد جي حيدري ٿاڻي تي ڪئي سين، جنهن تي پوليس کين گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي، جتي هنن اقرار ڪيو ته ٻيهر اسان اوهان کي تنگ نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پٽن وحيد ۽ زبير سومرو مون کان حصي طور مليل زمين وڪرو ڪئي، جنهن بعد نافرمان پٽ عبدالغفار سومرو ۽ سندس پٽ زمين خريد ڪندڙ پارٽي سان حصي جي ڪوڙي دعويٰ ڪندي کين گمراھ ڪري رهيا آهن، جيڪا شڪايت پڻ حد جي ٿاڻي سميت ايس ايس پي آفيس توڙي علائقي جي معززن سان ڪئي آهي، پر هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نافرمان پٽ ۽ پوٽن خلاف ڪاروائي ڪندي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں