ايس ايس پي لاڙڪاڻو چوڌري احمد فيصل چيو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائيون ڪري بدنام منشيات فروش پپو مهر سميت 12 ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي،

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو چوڌري احمد فيصل چيو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائيون ڪري بدنام منشيات فروش پپو مهر سميت 12 ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، 50 کان وڌيڪ ڏوهارين کي زخمي حالت ۽ 250 جي لڳ ڀڳ سرگرم ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي ۾ آئيس هلائيندڙن خلاف پوليس وڏي پئماني تي ٺوس قدم کڻي رهي آهي، نوجوان آئيس پي ڏوهه ڪن ٿا جيڪا وڏي سماجي برائي آهي، منشيات معاشري جي لاءِ ناسور بڻيل آهي جنهن

کي ختم ڪرڻ هاڻي اڻٽر ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين جي وفد سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس سمورن قتل ڪيسن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، منهنجي چارج سنڀالڻ کان اڳ جنوري مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 233 واقعا پيش اچي چڪا هئا پر منهنجي چارج سنڀالڻ کان پوءِ صرف آگسٽ مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 95 واقعا پيش اچي چڪا آهن ان مان ظاهر آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا 148 سيڪڙو گهٽجي چڪا آهن. هن چيو ته گذريل 5 سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال سڀ کان وڌيڪ پوليس مقابلا ٿيا آهن انهن مقابلن ۾ پپو مهر سميت 12 ڏوهاري مارجي چڪا آهن، 50 کان وڌيڪ ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سان گڏ 250 جي لڳ ڀڳ سرگرم ڏوهارين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي نتيجي ۾ هن وقت ٻاهريان ڏوهاري هتي اچي ڏوهه ڪري فرار ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته سيپٽمبر مهيني جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين لاڙڪاڻي ضلعي توڙي شهر ۾ ڪو به ڏوهه ناهي ٿيو، پوليس جي ڪوشش آهي ته ڏوهاري وارداتن کي ترت روڪيو وڃي. هن چيو ته لاڙڪاڻي واسي باشعور آهن جيڪي ڪنهن به ڏوهه جي صورت ۾ اِهو چاهيندا آهن ته جلد کان جلد ڏوهه رڪور ٿئي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي پر پوليس بغير سياسي دٻاءُ جي ڪيسن جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪندي آهي تنهن جي ڪري ٿورو وقت ضرور لڳندو آهي پر ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين کي پوليس هميشه گرفتار ڪيو آهي، ضلعي ۾ ڪو ڏوهاري ڏوهن جي دنيا ڇڏي هٿيار ڦٽا ڪندو ته اهڙن کي قانون سان منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڏوهن جو اهم ڪارڻ منشيات آهي، تازو ٿيل ڏوهاري واقعن جي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪاروائين جي نتيجي ۾ انهن رٿابندي سان لاڙڪاڻي ۾ ڏوهه ڪرايا، منشيات اسان جي معاشري جي لاءِ ناسور بڻيل آهي، آئيس ذهني صحت کي تباهه ڪري ڇڏيو آَهي، تمام جلد منشيات فروشن خلاف ٺوس ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس هر قسم جي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي ان دوران منهنجي مٿان ڪنهن به سياسي دٻاءُ ناهي وڌو ۽ لاڙڪاڻو پوليس بنا ڪنهن فرق جي ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪري رهي آهي، لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن چوڪين تي سي سي ٽي ڪئميرائون لڳائڻ سميت ٻين معاملن ۾ ڀرپور مدد ڪئي آهي. هن چيو ته سيف سٽي پراجيڪٽ لاڙڪاڻو گهرو کاتي جي ماتحت پراجيڪٽ آهي پر اسان ان پراجيڪٽ جي انتظار ڪرڻ کان بغير شهر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪئميرائون لڳايون آهن جن ڪئميرائن جي ذريعي لاڙڪاڻو پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن کي ٽريس آئوٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں