
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوم تشڪر جلسي کي خطاب ڪندي چيو تہ پ پ پ جي چونڊ مهم ۾ مصروف هئڻ ڪري آئون ٺٽي نه اچي سگهيس، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ چونڊ مهم ۾ رڌل هئس، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوام سميت پوري سنڌ جي عوام هڪ دفعو ٻيهر ووٽ ڏيئي وڏي تاريخي فتح نصيب ڪئي آھي، جنهن تي آئون اوهانجو شڪريو ادا ڪريان ٿو، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ منهنجي خواهش ھئي ته چونڊن جي کٽڻ کانپوء ٺٽي ۾ جشن ملهائينداسين جنهن لاء آئون اوهان وٽ جشن ملهائڻ لاء پهتو آھيان اڄ اسانجي جشن جو ڏينهن آھي، ھن چيو تہ ھن وقت پاڪستان ۾ هڪ معاشي ۽ سياسي بحران آھي ڪابه اهڙي سياسي جماعت ناهي جيڪا پاڪستان کي هن سياسي بحران مان ڪڍي هلائي سگهي، واحد پ پ جي جماعت آھي، جيڪا ملڪ کي بهتر نموني هلائي سگهي ٿي، ھن چيو تہ سياسي جماعتون پنهنجا مفاد ڇڏي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي مفاد لاء سوچين، ھن سياسي ۽ معاشي بحران جو نقصان وفاق ۽ چئني صوبن کي توڙي پاڪستاني عوام کي رسي رهيو آھي جنهن لاء مدبرانه فيصلا ڪرڻا پوندا، ھن چيو تہ اڪثر هارايل سياسي جماعتون احتجاج ڪري رهيون آھن ته پوء ملڪ کي هن بحران مان ڪير ڪڍندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ھڪڙا اُھي جيڪي هميشه ڌانڌلي ذريعي کَٽيندا آھن ۽ ٻيا اهي جن کي پاڪستان جي سياست سان سنجيده دلچسپي ناهي اهي هٿ وٺي ملڪي سياسي بحران خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڪي اهڙا سياسي اڳواڻ آھن جيڪي ڌانڌلي کانسواء کٽي نٿا سگهن اهي به اڄ احتجاج ڪري رهيا آھن، ھن چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽي اها واحد جماعت آھي، جيڪا بنا ڌانڌلي جي عوام جي مينڊيٽ ذريعي ايوان ۾ پهچندي آھي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ مون وٽ اهڙا ثبوت آھن جتي پيپلزپارٽي جا اميدوار کٽيل هئا پر اتي ن ليگ جي اميدوار کي کٽيل ڏيکاريو ويو پر آئون ملڪ کي وڌيڪ سياسي بحران ۾ وجهڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ جو احتجاج ڪرڻ سان ملڪ وفاق ۽ جمهوريت جو نقصان ٿيندو، اليڪشن فورم پارليامينٽ ۽ ٻين جمهوري طريقن سان هر سازش جو مقابلو ڪري رهيا آھيون، جيڪڏھن اليڪشن ڪميشن سطح تي منهنجو آواز نه ٻڌو ويو ته آئون ٻيهر عوام وٽ اچي سگهان ٿو، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پيپلزپارٽي وفاق ۽ چئني صوبن جي زنجير آھي تنهنڪري پيپلزپارٽي پاڪستان کپي جو نعرو هنيو آھي جنهن کي برقرار رکيو ويندو. بلاول ڀٽو چيو تہ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرين کي پنهنجو حق ڏيارڻو پوندو اڃا تائين ٻوڏ متاثر تباهي ۽ بربادي جو شڪار هجڻ ڪري انهن جي مالڪي اسانکي ڪرڻي آھي، بلاول ڀٽو چيو تہ وفاق ۾ وزارت عظمه لاء اسانکي جيڪڏھن ووٽ ڏيڻو پيو ته سنڌ ۽ بلوچستان واسي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين کي حق وٺرائي ڏيارينداسين، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ گذريل دور حڪومت ۾ اسان سان ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو ويو آئون پنهنجي وزارت عظمه جو عهدو عوام لاء قربان ڪري رهيو آھيان پر اهي ٻڌي ڇڏين ته انهن کي چئني صوبن کي حق ڏيڻا پوندا،. لاول ڀٽو زرداري چيو تہ آء جڏھن به وزير اعظم ٿيندس ته عوام جي مڪمل طاقت ۽ مينڊيٽ سان ٿيندس. جيڪو عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪندو ان سان ٻانهن ٻيلي ٿينداسين، بلاول ڀٽو چيو تہ
1977 ع ۾ عام چونڊن کانپوء ڌانڌلي ڌنڌلي جا الزام لڳايا ويا 9 جماعتن گڏجي هڪ سازش تي گڏ ھئا پر انهن سازشن کي به پيپلزپارٽي ناڪام بڻايو، ھن چيو تہ ملڪ ۾ ھڪ دفعو ٻيهر غير جمهوري طريقي سان آمريت جو نظام مڙھڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر پ پ اهڙين سازشن کي مڪمل طور تي ناڪام بنائڻ لاء عوام سان گڏ آھي، بلاول ڀٽو چيو تہ ھن جمهوري نظام ۾ رهندي وڙهائڻ واري سازش قبول نه ڪئي ويندي، عوام ۽ پ پ جي جيالن کي واعدو ڪرڻو پوندو ته اسانجي جمهوريت خطري ۾ اچي ٿي وڃي ته اسانکي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جيان نڪرڻو پوندو، پوء ڪابه طاقت جمهوريت ۽ عوام جي راه ۾ رڪاوٽ نٿي وجهي سگهي، بلاول ڀٽو چيو تہ اچو عوام جي فورم تي اتي شڪايتون ڪريو جنهن لاء مون کي به شڪايتون آھن پر سياسي جي نالي تي بليڪ ميلنگ هرگز قبول نہ ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو چيو تہ ملڪ ۾ پ پ جا ڪارڪن شھيد ٿيا آھن پر ڌانڌلين جا الزام به اسان تي لڳايا پيا وڃن، ھن چيو تہ لاڙڪاڻي ۾ منهنجي کٽڻ کي ڌانڌلي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙا شخص ڪڏھن به عوام جي مينڊيٽ ذريعي چونڊون کٽي نٿا سگهن، بلاول مولانا فضل الرحمان ۽ پير پاڳاري تي سخت تنقيد ڪندي چيو تہ
اوهانجي لاء عزتون آھن پر 3-3 ڀيرا اوهانکي شڪستون ڏنيون آھن پنهنجي هار تسليم ڪرڻ گهرجي پر ڌانڌلي جا الزام هڻي غير جمهوري قوتن کي دعوت ڏيڻ ڪٿان جي سياست آھي: بلاول2008 ۽ 2013 ۾ به پير صاحب توهانجي اميدوارن پاران ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي وئي پر صورتحال اها رهي آھي جو توهان مڪاني چونڊن ۾ ب پ پ جو مقابلو نه ڪري سگهيا آھيون، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پير صاحب وٽ جيڪڏھن فارم 45 موجود آھي ته کڻي اچي ۽ پيش ڪري ته ڌانڌلي ڪٿي ۽ ڪهڙي تڪ ۾ ٿي آھي، مونکي هڪ سيٽ ڇڏڻي آھي مولانا صاحب ۽ پير صاحب کي چئلينج آھي ته اچي مون سان مقابلو ڪن ته عوامي مينڊيٽ جي خبر پئجي ويندي، ھنن جي جلسن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ مدرسن جا طالب علم شامل ڪرايا ويندا آھن ۽ پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته اهي سنڌ فتح ڪري رهيا آھن پر انهن وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي، بلاول ڀٽو چيو تہ
هي ووٽ نه ڪنهن پير ۽ مير جو آھي پر ووٽ تير جو آھي سنڌ جو عوام تير تي ٺپا هڻي پيپلزپارٽي کي سوڀارو ڪري سياسي يتيمن کي رد ڪري ڇڏيو آھي، بلاول ڀٽو چيو تہ ڪنهن مونکي چيو ته پير صاحب جي پارٽي سان اتحاد ڪريو انهن چيو ته شروع ۾ اسان توهانجي مخالف آھن پر پوء اوهانجا حامي بڻجنداسين اهو ٻھ روپ وارو رويو اسانکي قبول نه آھي: بلاول چيو تہ ڪراچي ۾ اسانجي ماڻھن کي اغوا ڪيو ويو معصومن کي شھيد ڪيو ويو خيرپور سانگهڙ ميرپور خاص ۾ اسانجي ڪارڪنن کي شھيد ڪري اسانجي اميدوار تي اليڪشن مهم دوران گوليون وسايون ويون ۽ هڪ ڪارڪن بلاول زرداري کي پڻ گولين جو کاڄ بڻايو ويو ڪوئٽا خضدار ۾ حملا ڪرايا ويا پر اسان جمهوري طرز تي عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني سان مقابلو ڪيو، بلاول ڀٽو چيو تہ
اھڙين ڌانڌلين جي باوجود شڪست کائي چڪا آھن اسان انهن کي ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جمهوريت کي مضبوط ڪريو ۽ سازشون نہ ڪريو، اليڪشن ۾ جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آھي ان کي تسليم ڪيو وڃي، بلاول ڀٽو چيو تہ پيپلزپارٽي کانسواء وفاق ۾ ڪابه جماعت حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي اسانجي مدد کانسواء جمهوريت هلي نه سگهندي، ھن چيو تہ پاڪستان جي جمهوريت کي بچائڻ لاء اسان ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ صدر آصف زرداري کي صدارتي عهدي لاء چونڊيو آھي جيڪو وفاق ۽ چئني صوبن کي بچائڻ جي سياسي بصيرت رکي ٿو، ايندڙ حڪومت جيڪا سنڌ ۾ ٺھڻ وڃي پئي اها پ پ جي حڪومت عوام جي خدمت ڪندي، آئون سنڌ ڪابينا کي ٺھڻ کان اڳ واضع ٿو ڪيان ته ماڻھن جي راء جو احترام ڪري سندن خدشا دور ڪيا وڃن. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسٽيج تي پهچندي ئي پارٽي جي ڪارڪنن کي هٿ لوڏي نعرن جو جواب ڏنو اسٽيج تي پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو پ پ ٺٽي جو ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، سجاول جو ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي، سسئي پليجو، غلام قادر پليجو، سيد امير حيدر شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، عاشق زرداري، عبدالحميد پنھور، پير غلام رحماني شاھ جيلاني، ارباب رميز ميمڻ، ريحانہ لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. جلسي کي خطاب ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو تہ ھي سنڌ اهو صوبو آھي جنهن پاڪستان کي ٺاهيو ۽ هن ملڪ کي بچايو شھيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جانين جا نظرانه ڏيئي ملڪ ۽ قوم لاء لازوال قرباني ڏيئي هميشه لاء امر ٿي ويا، ھن چيو تہ
پيپلزپارٽي عوام جي ترجماني ڪري رهي آھي آئون سنڌ جي عوام کي سلام ٿو پيش ڪريان جن هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي فيصلو ڏيئي پ پ کي سوڀارو ڪيو پ پ جي ڪاميابي سنڌ جي عوام جي ڪاميابي آھي، نثار کھڙو چيو تہ
ملڪ اندر غير جمهوري سازشون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر پيپلزپارٽي اهڙين سمورين سازشن کي ناڪام بڻائيندي، ھن چيو تہ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاء ماضي جيان هن ڀيري به پيپلزپارٽي صف اول ۾ آھي سنڌ جي ماڻھن جو پيپلزپارٽي ۽ بلاول ڀٽو سان عشق آھي جنهن کي ڪير به گهٽائي نٿو سگهجي، اسانکي پاڪستان بچائڻو آھي ڪجھ ڌريون بليڪ ميلنگ واري سياسي ڪري رهيون آھن جن جو مقصد غير جمهوري قوتن کي دعوت ڏيڻ آھي پ پ اهڙين ڌرين جي سازشن جي اڳيان ديوار جو رُڪ بڻيل رهندي. ان موقعي تي
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ۽ سجاول ضلعن مان ڪلين سوئيپ ڪري اڪثريت سان چونڊون کٽيندڙ پ پ اميدوارن ايم اين اي صادق ميمڻ ايم پي اي رياض شيرازي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ايم پي ايز محمد علي ملڪاڻي شاھ حسين شيرازي ۽ شيرازي گروپ جي اڳواڻ شفقت شاھ شيرازي سان گڏ اسٽيج تي پبلڪ سامهون اچي هٿ لهرائي عوام جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چونڊيل ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون.
Related posts:
جي ڊي اي اڳواڻ شاھنواز بروھي پاران فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پير ياسر سائين سان ملاقات ڪري مخت...
ٺٽي مان امن جو پکي اڏامي ويو، پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ۽ بيوس بڻيل، ڏوھاري کلي عام روڊ، ر...
سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ مڪمل،11 هزار کان وڌيڪ اميدوار مختلف بيچلرس ڊگري پروگرا...


