
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد جي شهرين پي ٽي آءِ جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ تحت منعقد سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ناصر شاهه چيو ته باني پي ٽي آئي کي 9 مئي جي واقعن تي عوامي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کان معافي وٺڻي پوندي.عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آئي جو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ سمجھ کان ٻاهر آهي.ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي حڪومت وڃائڻ جي خوف کان عوام جون همدرديون کٽڻ لاءِ ڪاغذ هوا ۾ ڏيکاريو جنهن کي اڄ سائفر سڏيو وڃي ٿو، ان وقت يهودي لابي ۽ آمريڪي ايجنٽ پي ٽي آءِ کي سڀ کان وڌيڪ سپورٽ ڪري رهيا آهن، ٻي صورت ۾ انهن جي ڪارڪردگي به اها ئي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ٿيل سموريون ضمني چونڊون هارائي، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا اهي تڪ به شامل آهن، جيڪي پي ٽي آءِ 2018ع ۾ آر ٽي ايس ذريعي کٽيا هئا.ناصر حسين شاهه چيو ته عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جو فرض آهي ته ڪي پي ڪي جي شهري علائقن خاص ڪري ڪرم ۾ روزانو عوام جو قتل عام ٿي رهيو آهي حڪومت جو ڌيان وفاق تي حملن تي آهي، عوام پي ٽي آءِ جي احتجاج کان بيزار آهي پر هر مهيني وفاق تي حملا ڪرڻ کي هنن پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو آهي.
Load/Hide Comments


