لاهور آرمي ميوزيم جو دورو

Fayaz Ali Butt
لاهور آرمي ميوزيم جو دورو
اج لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري، ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير محترم فياض علي خان ٻٽ صاحب سينيٽر پونجو مل ڀيل ۽ ٻين محترم دوستن سان گڏجي آرمي ميوزيم لاهور جو دورو ڪيو. فياض علي خان ٻٽ صاحب ميوزيم جي تاريخي حصن کي وڏي دلچسپي سان ڏٺو ۽ پاڪستان جي بهادر فوج جي قربانين ۽ ملڪ جي دفاع ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو.


فياض علي خان ٻٽ صاحب جا مختصر ڪمينٽس، آرمي ميوزيم ۾ موجود هر يادگار اسان کي قومي وحدت، بهادري ۽ شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿي.” “ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانون نثار ڪندڙ شهيد اسان جو فخر آهن؛ انهن جي قربانين کي سلام. اسان جي ذميواري آهي ته نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ، قومي ورثي ۽ دفاعي ادارن جي اهميت کان آگاهي ڏيون.” دوري دوران فياض علي خان ٻٽ صاحب ۽ سينيٽر پونجو مل ڀيل کي ميوزيم انتظاميه طرفان مختلف تاريخي گيلرين بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں