
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي کي هڪ ٻيو اعزاز، ٺٽي شھر واسي آفتاب گل عباسي جي ڀائيٽي، الطاف عباسي جي نياڻي ايڊوڪيٽ سرويچ عباسي ۽ ڪميونيڪيشن آفيسر راول عباسي جي ڪزن ٺٽي ڄائي رابيل عباسي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ( CA ) جو امتحان پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو آھي، جنھن تي ٺٽي واسين ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي، جن چيو آھي تہ سمورن والدين کي گھرجي تہ پنھنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين جيئن ھو بہ رابيل عباسي جيان ڪاميابي ماڻي سگھن.


