ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي بروھي برادري جي معزز ٺٽو وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي ۽ رئيس شاھنواز بروھي ٺٽي وارن جي ڀائرن ايڊوڪيٽ نادر علي بروھي ۽ شاھد علي بروھي ولد حاجي خان بروھي ٺٽو ۽ وزير علي ولد سردار محمد عظيم خان بروھي ٽنڊوالھيار جن جي شادي جي تقريب ٺٽي شھر ڀرسان ٺٽو/حيدرآباد ھاء وي لڳ تاج پئٽرول پئمپ ٺٽو وٽ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي، سماجي اڳواڻن سميت سندن عزيز، مٽ، مائٽ، دوست، سياسي، سماجي شخصيتن سميت لکين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاھجھان بروھي، شاھنواز بروھي ۽ ٻين پاران آيل مھمانن جو مانائتو استقبال ڪري کين شادي واري پنڊال ۾ پھچايو، ان موقعي تي شاھجھان بروھي ۽ سندس ڀاء رئيس شاھنواز بروھي چيو تہ ھو سمورن آيل معزز ماڻھن جا تھ دل سان شڪر گذار آھن، جن سندن ڀائرن جي ڪاڄ ۾ اچي ڪاڄ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ھنن چيو تہ ھھڙيون خوشيون الله پاڪ سڀني ماڻھن کي نصيب ڪري. ان موقعي تي فنڪار آخري جلال ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪري خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو. واضح رھي تہ ھي ٺٽي جي وڏي شادي رھي آھي، جنھن ۾ کاڌي پيتي جا بھتر انتظام ڪرڻ سميت ڪم ڪار واري ڪميٽي پنھنجا بھتر طريقي سان فرائض ادا ڪيا، جنھن ڪري ھي ٺٽي جي وڏي ۾ وڏي شادي ليکي پئي وڃي جنھن ۾ لکين ماڻھن شرڪت ڪئي، جيڪا رات ڏينھن جاري رھي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
https://sports.jeeveypakistan.com/Jeevey Pakistan Sports Website


