پيپلزپارٽي اڳواڻن ۽ شيرازين وچ ۾ ھلندڙ سياسي وڇوٽيون وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويون

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
پيپلزپارٽي اڳواڻن ۽ شيرازين وچ ۾ ھلندڙ سياسي وڇوٽيون وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويون
اڻ اعلانيه طور ٻنهي ڌرين جا سياسي رستا ڌار ٿيڻ لڳا گذريل رات پيپلزپارٽي ٺٽي ۽ سجاول جي ضلعي اڳواڻن عهديدارن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو ڪراچي ۾ ايم اين اي صادق ميمڻ جي دعوت تي اهم مشاورتي بيٺڪ شيرازي ۽ ڄام برادران آئوٽ رهيا ٻنهي ضلعن جي پيپلزپارٽي اڳواڻن جي ڪراچي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي دعوت تي گڏجاڻي ۾ مختلف معاملن ۽ هلندڙ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو شيرازين کانسواء پيپلزپارٽي جي ٻنهي ضلعن جي سمورن اڳواڻن سياسي شخصيتن توڙي واپاري اڳواڻن شرڪت ڪئي ذريعن موجب پ پ ۾ شامل شيرازين کي سياسي طور اڪيلو ڪري غير مستحڪم ڪرڻ جو پيپلزپارٽي قيادت فيصلو ڪري ورتو.پ پ ٺٽي جي ضلعي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي ميزباني هيٺ ڊفينس ڪراچي ۾

صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي مان ۾ منعقد ٿيل اهم دعوت ۾ شيرازي برادران کي شريڪ نه ڪيو ويو دعوت جي نالي تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل کاتو حاجي علي حسن زرداري صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ و فشريز ۽ پ پ سجاول جو ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي سابق ايم پي اي غلام قادر پليجو عورت ايم پي ايز ريحانه لغاري رخسانه شاھ ۽ هير سوهو به شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ پ پ اڳواڻن ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنهور سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش خان ملڪاڻي پ پ اڳواڻن پير غلام رحماني جهوني سياسي اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي امتياز قريشي لقمان پالاري جهانگير پالاري ڊاڪٽر طفيل ميمڻ طاهر ميمڻ حاجي شوڪت ملڪاڻي محمود عالم شاھ پنهون عقيلي پير زين العابدين شاھ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي واپاري اڳواڻن عبدالمجيد ميمڻ حاجي وسيم ميمڻ شاهنواز بروهي ڊاڪٽر عبدالواحد بروهي گل محمد سمون پ پ تعلقي ٺٽي جي صدر عبدالحميد سومرو سميت پيپلزپارٽي جي ضلعي اڳواڻن تعلقي عهديدارن ذيلي تنظيمن جي عهديدارن به شرڪت ڪئي دعوت ۾ ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران به شريڪ هئا. ذريعن موجب ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي پيپلزپارٽي اڳواڻن شرڪت ڪري شيرازين جي پيپلزپارٽي جي سياسي سرگرمين کان پري رهڻ واري معاملي تي غور ويچار بعد اهم فيصلا ڪري ورتا ايندڙ عام چونڊن توڙي مڪاني چونڊن ۾ شيرازين سامهون پيپلز پارٽي پاران اليڪشن ڪرڻ سميت مختلف تجويزون غور هيٺ آيون. ڪراچي ۾ منعقد ٿيل اهم گڏجاڻي ڪجھ ڏينهن اڳ دڙو ۾ شھيد ڀُٽي جي سالگره تقريب ۾ شيرازين جي شرڪت نه ڪرڻ کانپوء پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن پاران شيرازين کان ڌار سياسي سرگرمين جي اعلان کانپوء هي پهرين ۽ اهم گڏجاڻي سڏائي وئي جنهن ۾ شيرازي ۽ ڄام برادران آئوٽ رهيا ذريعن موجب شيرازين کي مدعو نه ڪيو ويو هو ايم اين اي صادق علي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي مان ۾ دعوت رکي جنهن ۾ ويجهن دوستن پارٽي جي ساٿين کي سڏايو هو ڪابه سياسي ايجنڊا نه هئي. سياسي حلقن موجب پ پ ۾ هوندي شيرازي اسيمبلي ميمبرن کي دعوت نه ڏيڻ پيپلز پارٽي جي سياسي حڪمت عملي جي ڪڙي آهي ٻنهي ضلعن جي سياسي صورتحال تبديل ٿيڻ وڃي پئي

اپنا تبصرہ بھیجیں