
ڪراچي: سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان نيبـا ۾ وائيس چانسلرن ۽ ابھرتن اڳواڻن لاءِ پنج ڏينهن وارو پروفيشنل ڊولپمينٽ پروگرام
سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي زيـر اهتمام نيبـا ڪراچي ۾ وائيس چانسلرن ۽ ابھرتن اڳواڻن لاءِ پنج ڏينهن وارو پروفيشنل ڊولپمينٽ پروگرام” جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ اعليٰ تعليمي عملدارن حصو ورتو۔
انهيءَ پروگرام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پڻ سرگرم شرڪت ڪئي۔ ڊاڪٽر الطاف سيال اعليٰ تعليم ۾ قيادت، تحقيق جي فروغ، جديد تعليمي حڪمت عملين ۽ ادارن جي انتظامي بهتري بابت خيالن جو اظهار ڪيو
هن موقعي تي ماهرن طرفان اعليٰ تعليم جي معيار، گورننس،
ڊجيٽل تبديلي، ۽ اڪيڊمڪ نون رخن تي تفصيلي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويا، جن ۾ شرڪت ڪندڙن کي جديد عالمي رجحانن سان آگاهي ڏني وئي۔
پروگرام جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر الطاف سيال جي علمي ۽ انتظامي خدمتن کي ساراهيندي چيو ويو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سندس قيادت هيٺ تحقيق، ترقي ۽ جديد تعليمي روايتن جي حوالي سان نوان مثال قائم ڪري رهي آهي


