وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 2023ع جي چونڊن ۾ ايتريون سيٽون ضرور کڻنداسين جو چئني صوبن کي ملائي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هوندي ۽ اوھان جي دعا ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم هائوس پھچائينداسين ۽ اتي ئي هو وزيراعظم جو حلف ھن ئي سال کڻندو

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 2023ع جي چونڊن ۾ ايتريون سيٽون ضرور کڻنداسين جو چئني صوبن کي ملائي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هوندي ۽ اوھان جي دعا ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم هائوس پھچائينداسين ۽ اتي ئي هو وزيراعظم جو حلف ھن ئي سال کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾ انٽرنيشنل ميڊيڪل سائنس اينڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج (لمس) ڪيمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 2023ع ۾ سنڌ جو عوام اڳوڻو سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو ۽ اسان کي سنڌ صوبي ۾ آساني سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان حڪومت ملندي، اهو ئي سبب آهي جو اسان عوام ۽ سنڌ لاءِ ڪم ڪيو آهي، پنهنجي قيادت جي ھدايت تي سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ شهرن ۾ روڊ نيٽ ورڪ ۽ پُلن سميت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام ڀرپور ڪاميابي ڏئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ھن صوبي جي حڪمراني ڏني. هن چيو ته مان سنڌ جي عوام جو شڪر گذار آهيان ته 2008، 2013 ۽ 2018 ۾ هنن گذريل اليڪشنن کان وڌيڪ ووٽ ڏنا ۽ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽون مليون. هن چيو ته اسان پنجن سالن جو مدو فخر سان پورو ڪري رهيا آهيون ۽ ان کان پوءِ ٽن مهينن ۾ اوهان جي وچ ۾ ھونداسين ته جيئن معلوم ٿي سگهي تہ اسان جون ڪهڙيون غلطيون ھيون. هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ ۾ الله تعاليٰ جي مدد سان اڳ کان وڌيڪ سيٽون کٽندي، بلوچستان ۾ اسان جيڪي ڪم ڪيا آھن ۽ جيڪي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري رابطہ ڪيا آھن اُميد آھي تہ بلوچستان ۾ به ايندڙ حڪومت ٺاھينداسين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه تہ ھو ئي اسان جو صوبو، بدقسمتي سان گذريل سالن ۾ اسان جو ڌيان گهٽجي ويو پر اُتي بہ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري خيما کوڙي ڇڏيا آهن اتي به اوھان کي سرپرائيز ملندو. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون آهن، مان نه ٿو سمجهان ته اتي ڪنهن هڪ پارٽي کي اڪثريت ملندي، ۽ اها بہ دعويٰ نه ٿو ڪريان ته پيپلز پارٽي اڪثريتي پارٽي هوندي پر چئني صوبن کي گڏ ڪري ايتريون سيٽون کڻنداسين جو وفاقي حڪومت به اسان جي ھوندي. هن چيو ته اهو تاريخي ڏينهن آهي ته اڄ اسان هتي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، ھن ڪاليج مان ٺٽي، سجاول، بدين ۽ سڄي ساحلي پٽي جا نوجوان تعليم حاصل ڪندا ۽ ان سان گڏ فارميسي ۽ مشينري جيڪا طبي ميدان ۾ استعمال ٿيندي آھي ان حوالي سان ٽيڪنيڪل تعليم به پڙھائي ويندي. هن چيو ته هي ڪاليج نه رڳو ٺٽي ۽ سنڌ لاءِ پر سڄي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ کولڻ گهرجي ته جيئن ٻين صوبن مان بہ هتي اچي سنڌ حڪومت جي تعمير ڪيل هن شاندار ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري پنھنجي مُلڪ جي بھتري ۽ معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هن ڪاليج جي ايراضي 40 ايڪڙن مان وڌائي 100 ايڪڙ ڪئي وڃي ته جيئن هن ڪاليج کي مڪمل يونيورسٽي بڻائي ٻيون فيڪلٽيون پڻ شروع ڪري سگهجن. بعد ۾ ميڊيا جي

هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو فوري طور سانگهڙ جي علائقي سرهاڙي ڀرسان ريلوي حادثي واري هنڌ پهتو ۽ امدادي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اسپتالن ۾ زخمين جي عيادت ڪئي جڏھن تہ مقامي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته فوتين کي سندن آبائي علائقن تائين پهچائڻ سميت زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي ڏھ ڏھ لک جڏھن تہ زخمين لاءِ 2 کان 5 لک روپين جي مالي مدد جو اعلان پڻ ڪيو. ريل حادثي ۾ تخريبڪاري بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان ريلوي کاتو انڪوائري ڪندو جڏهن ته سنڌ حڪومت انڪوائري ۾ هر ممڪن سهڪار ۽ مدد ڪندي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس ڪاليج جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اُڄڻ چيو ته هي ڪاليج علائقي جي تاريخ ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج آهي جيڪو ٺٽي جي مقامي شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪندو. هن چيو ته ٺٽي ۾ هن ڪاليج جو قيام علائقي جي مريضن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ انقلابي قدم هوندو، ھي ميڊيڪل ڪاليج 500 ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج 1000 کان وڌيڪ شاگردن جي ميزباني ڪندو، فطري طور تي جڏھن شاگرد ھتي رھندا تہ ھن علائقي ۾ مقامي ڪاروبار پڻ ٿيندو ۽ فيڪلٽي جا شاگرد ٺٽي جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندا، اهي آپريشن، وڏيون سرجريون ۽ مقامي علائقي جي ٻين مريضن جي طبي امداد به ڪندا. ھن ڪاليج ۾ ميڊيڪل ڊگري کان علاوه ٻيا ڊگري پروگرام جهڙوڪ ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي، ڊاڪٽر آف فارميسي، نيچرل نرسنگ پروگرام، ريڊيالوجيڪل سروسز، آئي سي يو ٽيڪنيشنز ۽ ريڊيالوجيڪل اميجنگ ۾ ڊپلوما پروگرامن سان گڏ ليبارٽري ٽيڪنيشن ماھرن جا ڪورسز پڻ شامل آھن. هن چيو ته انهن گريجوئيٽ شاگردن کي نه رڳو پنهنجي قوم جي خدمت جو موقعو ملندو پر پاڪستان کان ٻاهر به نوڪريون ملنديون، اميد آهي ته هي ڪاليج خطي جي سماجي ۽ اقتصاديات ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جا خاص مددگار صادق علي ميمڻ ۽ سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ايم پي ايز حاجي علي حسن زرداري ۽ سيد شاهه حسين شاهه شيرازي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، امتياز علي قريشي، عبدالحميد سومرو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد، ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو، ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو جي پروفيسرن، شاگردن، علائقي جي معززن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
=============================

اپنا تبصرہ بھیجیں