سيبس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ 20 هون ڊگري شو 2025 پڄاڻيءَ تي پهتو، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ جو دورو


ڄامشورو (ڊسمبر 07، 2025): شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ 20 هون ڊگري شو 2025 پڄاڻيءَ تي پهتو. ڊگري شو جي آخري ڏهاڙي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن نزهت پٺاڻ ۽ حنا دستگير ۽ گفٽ يونيورسٽي گوجرانوالا جي ريڪٽر ڊاڪٽثر شاهد قريشي دورو ڪيو.
مهمانن جو سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو پاران گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، ۽ کين گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن پاران پيش ڪيل تخليقي نمائش ۽ تعليمي ڪاميابين بابت آگاهي ڏني. دوري دوران، مهمانن نمائش هالن جو دورو ڪيو جن ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، ۽ آرڪيٽيڪچر جي شعبن جا ڪم شامل هئا. انهن شاگردن جي تخليقيت، جدت ۽ انهن جي هنر سان وابستگي جي تعريف ڪئي.
شاگردن سان ڳالهائيندي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته هو سيبس يونيورسٽي جي شاگردن پاران ڏيکاريل قابليت ۽ محنت ڏاڍي متاثر ڪندڙ آهي ۽ هي نمائش نه رڳو فنڪارانه مهارت پر اسان جي ثقافت، سماج ۽ همعصر ڊيزائن جي ضرورتن جي گهري سمجھ کي به ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته سنڌ هميشه فن ۽ ورثي سان مالا مال رهي آهي، ۽ سيبس يونيورسٽي جهڙا ادارا هن ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ثقافت واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت نوجوان آرٽسٽن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي تخليقيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مان سيبس يونيورسٽي جي شاگردن ۽ انتظاميا کي يقين ڏياريان ٿو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن کي ثقافت جي وزارت پاران ڪراچي ۾ پنهنجو ڪم ڏيکارڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ موجود مختلف سفارتخانن، آرٽ گيلرين ۽ آرٽ ڪائونسل سان ڳنڍيو ويندو.
سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، محمد عباس بلوچ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊگري شو اسان جي نوجوانن جي لگن ۽ تخليقيت جو ثبوت آهي ۽ سيبس يونيورسٽي جهڙا ادارا جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ اسان جي ثقافتي سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو آرٽ ۽ ڊيزائن جي شاگردن لاءِ ڪاروباري صلاحيت ۽ صنعت سان مضبوط رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف صلاحيتن کي نکارڻ نه پر اسان جي گريجوئيٽس کي حقيقي دنيا جي چئلينجن لاءِ تيار ڪرڻ آهي. صنعت سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاروباري ۽ جديد سوچ کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن جي خيالن کي پائيدار ڪيريئر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته مختلف صنعتن جي ماڻهن کي نمائش جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي جن شاگردن جي تخليقيت کي ساراهيو ۽ گريجوئيٽ ٿيندڙن کي ساڻن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ان کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس ۽ ٽيڪسٽائل انڊسٽري نوري آباد جي نمائندن ڊگري شو دوران دورو ڪيو.
ڊگري شو 01 ڊسمبر کان 07 ڊسمبر 2025 تائين جاري رهيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں