
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبز علي بروهي جي رھواسي پورهيت جي 4 مهينن جي معصوم نياڻي غلط ويڪسين لڳڻ ڪري جسم ۾ زھر ڦھجلڻ ڪري سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نياڻي جي حياتي کي خطرو لاحق ٿي ويو، وارث سخت پريشان، جن نياڻي جي حياتي بچائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبز علي بروھي جي رھواسي پورھيت احسان بروهي ٻڌايو تہ سندس چئن مھينن جي حريفہ فاطمہ کي جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ حفاظتي ٽڪا (ويڪسين) ڪرائڻ لاء کڻي ويس، ويڪسين ڪرائڻ ٽڪا لڳڻ بعد منھنجي نياڻي کي ھڪدم تيز بخار ٿي پيو ۽ آھستي آھستي سڄي جسم ۾ ڪارا داغ ٿيڻ بعد سڄو جسم خراب ٿي ويو آھي. ھن چيو تہ مون رورل ھلٿ سينٽر جنگشاھي جي ايس ايم او ڊاڪٽر تاج پليجو کي نياڻي ڏيکاري، جنھن چيو تہ ھي معمولي مسئلو آھي، اوھان ٻارڙي کي مڪلي سول اسپتال کڻي وڃون. جنھن بعد مون منھنجي نياڻي کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪرايو آھي. جتي منھنجي نياڻي جي ڏينھون ڏينھن حالت خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ ھاڻي سول اسپتال مڪلي جي ڊاڪٽرن بہ علاج ڪرڻ کان جواب ڏيندي جلدي ڪراچي جناح اسپتال کڻي وڃي علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آھي. پورھيت احسان بروھي چيو ته ھو غربت سبب پنھنجي معصوم نياڻي جو بهتر علاج بہ ڪرائي نٿو سگھي. ھن ڊي ايڇ او ٺٽو، ڊي سي ٺٽو سميت چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تہ سندس معصوم نياڻي حريفہ فاطمہ جي علاج ۾ سندس مدد ڪري سندس معصوم نياڻي جي حياتي بچائڻ سان گڏ لاپروھي جو مظاھرو ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري ساڻس انصاف ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.


